ٽجوڙيون ڀريندڙ ڀڄڻ جي موڊ ۾ آهن:جنرل(ر)نعيم لوڌي

اسلام آباد(مزمل سهروردي)پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ مفاهمت لاءِ ڪوشش ڪندڙ جنرل(ر) نعيم خان لوڌي  هڪ ٽوئيٽ ڪئي جنهن مان لڳي ٿو ته هو مفاهمت کان مايوس ٿي چڪو آهي،هن چيو ته  لڳي ٿو جن ماڻهن پنهنجون تجوڙيون ڀري ڇڏيون آهن،اهي هاڻي ڀڄڻ جي موڊ ۾ آهن۽ سڄو ملبو ڪنهن ٻئي تي وجهي ويندا”سوال پيدا ٿئي ٿو ڇا هو موجوده حڪمرانن ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي؟ڇا هو سمجهن ٿو ته حڪمران ملڪ ڇڏڻ جي تياري ۾ آهن؟۽ سڄو بار فيلڊ مارشل عاصم منير تي وجهي ويندا؟ نعيم لوڌي چيو ته سياست ۾ هروڀرو تلخي پيدا ڪئي پئي وڃي پر سوال هي آهي ته ڇا هي تلخي حڪمران پارٽيون پيدا ڪري رهيون آهن؟يا پي ٽي آءِ جا ٽوئيٽس، نعيم لوڌي چيو ته ٽروٿ اينڊ ريڪنسيليئيشن ڪميشن ٺاهيوسڀ سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن،عبوري ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ٺاهي وڃي هڪ سال لاءِ سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  سومر 29 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.