ڪرڪ ۾ پوليس جي ڪارروائي، 8 دهشتگرد ماريا ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
ريجنل پوليس آفيسر ڪوهاٽ عباس مجيد مروت موجب ڪرڪ جي سرحدي جابلو سلسلي خرم ٿاڻي جي حدن ڪرڪنڊون ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس وڏي ڪارروائي ڪئي.
هن ٻڌايو ته آپريشن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ڪارروائي ۾ هڪ پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.