ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش پوليس انڪشاف ڪيو آهي ته شاگرد اڳواڻ شريف عثمان هادي جي مبينا قاتل ڀارت فرار ٿي ويا آهن ۽ ڀارتي پوليس ٻه جوابدار گرفتار ڪيا آهن.
ڍاڪا جي سينيئر پوليس آفيسر نذرالاسلام نيوز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته شريف عثمان هادي جو قتل اڳ کان طئي ٿيل هو، ذميوارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، مبينا حملي آور 12 ڊسمبر تي شريف عثمان هادي تي حملي کانپوءِ هالوگاٽ سرحد تان ڀارت فرار ٿي ويا، سرحد تي ٻن ڀارتي شهرين انهن جي آجيان ڪئي ۽ کين ميگالايا رياست پهچايو ويو آهي.
هن چيو ته بنگلاديش اختياريون ڀارت ۾ پنهنجي هم منصبن سان رابطي ۾ آهن، جن ٻن شڪي حملي آورن جي ساٿين کي گرفتار ڪيو آهي.
You might also like