ميانمار ۾ ڪيترن ئي ورهين جي گهرو ويڙهه کانپوءِ فوجي نگراني ۾ چونڊون

نيپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار ۾ ڪيترن ئي سالن جي گهرو ويڙهه کانپوءِ فوجي نگراني ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن.
ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ ميانمار ۾ سخت شرطن تحت ۽ فوج جي نگراني ۾ اهي چونڊون اهڙي وقت ۾ ٿي رهيون آهن، جڏهن فوجي حڪمران ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جي ته ڳالهه ڪري رهيا آهن پر ماضي جي سويلين حڪمران آنگ سان سوچي اڄ به جيل ۾ آهي ۽ ان جي انتهائي مقبول سياسي جماعت اين ايل ڊي جبري طور ٽوڙي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.