”پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا تي مقبوليت جي دعويٰ دوکو آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي ڪوڙا فالوئر ٺاهيا آهن سوشل ميڊيا تي مقبوليت جو ڊرامو ڪري ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر عقيل چيو ته پي ٽي آءِ سياسي ميدان ۾ پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو سهارو وٺندي آهي، سوشل ميڊيا تي هٿرادو ريچ ڏيکاري ويندي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي.
هن چيو عوام ڄاڻي ٿو ته حقيقت ڇا آهي ۽ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا تي حقيقي فالوئر موجود ناهن، ڀارتي پروپيگنڊا اڪائونٽ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن جي پيروي ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي حقيقت عوام جي سامهون اچي وئي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي مقبوليت تي دعويٰ رڳو دوکو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.