لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ انتهاپسندي جي سياست ڇڏي ڏئي، پنهنجي ليڊر جي گرفتاري ۽ ڪيسن تي قومي ادارن تي حملا ڪندئو ته ايڪشن تي شڪايت نه ٿيڻ گهرجي.
لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياسي جماعتن کي جمهوريت جي بقا لاءِ سياسي حل ڪڍڻ گهرجي، حالتن کي ڏسندي سڀني سياسي جماعتن کي هڪ نقطي تي آڻڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته حڪومت طرفان ترقي جون دعوائون ٿي رهيون آهن پر عام ماڻهو ترقي ۽ معاشي صورتحال مان خوش ناهي، عام ماڻهو تعليم ۽ علاج جي خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي، وفاقي حڪومت معاشي بحران مان نڪرڻ چاهي ٿي ته پبلڪ پرائيويٽ پارشنرشپ تي غور ڪيو.
You might also like