هيءَ وڏي حقيقت رهي آهي ته مسلمانن لاءِ سڀ کان وڏو سانحو اهو رهيو آهي ته سندن حڪومتن ۾ “اقتدار جي منتقلي” جو ڪو باقاعده ۽ منظم نظام موجود ئي ناهي رهيو۔ هي ڪنهن هڪ ملڪ يا رياست جو مسئلو ناهي، پر مجموعي طور سڄي اسلامي دنيا جو الميو آهي۔ اسين اهلِ اسلام شخصيتن جي اثر هيٺ رهڻ جا عادي ٿي وياسين آهيون ۽ اهڙي ڪنهن به اصول کي جنم وٺڻ ئي نٿا ڏيون، جيڪو حڪمراني جي بهتري ۽ حقِ حڪمراني کي باقاعده ۽ مضبوط بڻائي سگهي۔
هيءَ بيماري اسان کي گِهن وانگر کائي وئي آهي۔ اڄ جي سڀني مسلمان ملڪن جي حالت تقريباً هڪ جهڙي آهي۔ جيڪڏهن سنجيدگي سان سوچجي ته گهٽ ۾ گهٽ چوڏهن سؤ ورهين ۾ به هي مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي۔ افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته اسان هر اُن سوچ کي ختم ڪري ڇڏيو، جيڪا حڪومتي نظام ۾ ڪا نئين فڪري تبديلي آڻي سگهي ٿي۔ وچ اوڀر جون اڄ جون سڀ رياستون شفاف حڪمراني کان کوسئن پري آهن ۽ عجيب حالت ۾ ورتل آهن۔ اچو ته برصغير جي ڳالهه ڪريون۔
چئيو ويندو آهي ته هتي هزار ورهيه مسلمانن جي حڪومت رهي، پر هي ڳالهه مڪمل سچ ناهي۔ حقيقت ۾ ڏهه صديون ڪيترا ئي مسلمان حڪمران خاندانن جي قبضي ۾ رهيون۔ انهن بادشاهن جي رهڻي ڪهڻي، ڪپڙا، کاڌو، رهائش ۽ عيش عشرت عام ماڻهن جي سوچ کان ٻاهر هئي، جن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي شامل هئا۔ هزار ورهين جي تاريخ ۾ عام رعيت جي زندگي ڏاڍي ڏکي هئي۔ ملڪيت جو تصور به عام ماڻهو لاءِ موجود نه هو۔ بادشاهن جا محل عيش ۽ شاهخرچي سان ڀريا پيا هئا ۽ رعيت جانورن کان به بدتر زندگي گذاري رهي هئي۔
ان جي ابتڙ مغرب گذريل ٽي چار صدين ۾ اهڙا ذهين دماغ پيدا ڪيا جن انساني حڪمراني جي پيچيده مسئلن کي حل ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي۔ جيئن ئي اقتدار جي منتقلي خانداني ورثي بدران عام ماڻهو جي حق تائين پهتي ته انساني فڪر کي نئون اوج مليو۔ آزاد سوچ (فري ٿنڪنگ) اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جو مغربي معاشرا دنيا لاءِ مثال بڻجي ويا۔ هنن انساني سوچ تي پابنديون ختم ڪيون ۽ گهٽ وقت ۾ ترقي جي بلندين تائين پهچي ويا۔ هنن رياست ۽ مذهب کي به الڳ ڪري ڇڏيو، جيڪو معمولي ڪم نه هو۔ تاريخ شاهد آهي ته چرچ ايترو طاقتور هو جو پنهنجي فوج رکي ٿي۔ مذهبي پيشوا جنهن کي گهريو سو قتل ڪرائي ڇڏيندا هئا۔ عورتن کي جادوگر چئي ڪري زنده ساڙڻ عام ڳالهه هئي۔ يعني مذهب ۽ رياست جو ملاپ ظلم کي قانوني تحفظ ڏئي ڇڏيو هو۔ جن عظيم ذهنن انهيءَ ظلم جي مخالفت ڪئي، انسانيت اُنهن جو هميشه احسان مند رهندي۔
سڀ کان وڏو الميو اهو ٿيو ته مسلمان هن ترقي يافته فڪري تحريڪ جو حصو نه بڻيا۔ نتيجي ۾ مغرب سڄي دنيا جي قيادت هٿ ۾ وٺي ڇڏي۔ اڄ عملي طور تي گهڻا ئي ملڪ ڪنهن نه ڪنهن طرح سندن اثر ۽ غلامي هيٺ آهن۔ مسلمان ملڪن کي ايتري به آزادي نه ملي جو هو ذهني طور ترقي ڪري پوءِ مادي ترقي ڪري سگهن۔ آمريڪي صدر جو اهو چوڻ ته جيڪڏهن آمريڪا هڪ هفتي لاءِ به ڪجهه مسلمان بادشاهتن کي حمايت کان محروم ڪري ڇڏي ته سندن حڪومتون ڪري پونديون، بلڪل درست ڳالهه آهي۔
جيڪڏهن امير ترين مسلمان ملڪن جي اها حالت آهي ته سوچيو اسان يعني پاڪستان ڪهڙي حالت ۾ آهيون۔ پر پاڪستان هڪ نيم فڪري انقلاب کان پوءِ وجود ۾ آيو۔ هي ملڪ ڪنهن تلوار يا لساني جنگ سان حاصل نه ٿيو، پر مغرب جي بهترين درسگاهن مان پڙهيل روشن خيال ماڻهن ووٽ ۽ چونڊن ذريعي قائم ڪيو۔ هي آزادي حاصل ڪرڻ جو غير معمولي ۽ جهموري طريقو هو۔ مثال طور الجزائر کي ڏسو، جنهن کي فرانس کان آزادي وٺڻ لاءِ ڏاڍي خوني جنگ وڙهڻي پئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ پندرهن لک ماڻهن جانون ڏنيون۔ جڏهن ته برصغير جي آزادي بنيادي طرح سياسي ۽ جمهوري جدوجهد جو نتيجو هئي۔
پر افسوس جو پاڪستان ته ٺهي ويو، پر اها سوچ، اهو حڪمراني جو ذميوار طريقو ۽ اقتدار جي منتقلي جو مهذب تصور، جيڪو جهموريت جو حسن آهي، اسان قبول نه ڪيو۔ اسان جي حڪمران طبقن وٽ اها اخلاقي جرئت ئي نه هئي ته کليل دل سان جهموريت کي رد ڪن، پر انهن هڪ خطرناڪ حرڪت ڪئي: هتي جهموريت جي روح کي مسخ ڪيو ويو۔ ايوب خان جو ”بنيادي جمهوريت“ وارو تجربو جهموريت تي وڏو حملو هو، جيڪو پوءِ تاريخ جي کوڙي ۾ هليو ويو۔ حڪمرانن اقتدار کي عوام کان پري رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ اڄ به اها حالت برقرار آهي، بلڪ وڌي رهي آهي۔
عام ماڻهو ۽ حڪمران طبقو مڪمل طور الڳ ٿي ويو آهي۔ ڪيترا دانشور بلدياتي نظام جي ڳالهه ڪن ٿا، جيڪا صحيح آهي، پر جڏهن ووٽ جي بنياد تي حڪومت ڪرڻ جي اصول کي ختم ڪيو وڃي، اتي بلدياتي نظام کي ڪير سنجيده وٺندو؟ جيڪڏهن ملڪ کي هڪ جسم ۽ جهموريت کي اُن جي روح سمجههون ته روح کانسواءِ جسم فقط بدبوءِ ڏيندڙ لاش هوندو، ۽ اسان سان اڄ اهوئي ٿي رهيو آهي۔
اسان جنهن نظريي تحت ملڪ ٺاهيو هو، سو نظريو ئي پٽيو ويو آهي۔ اسان غلامي کي پنهنجو نصيب سمجهي ويٺا آهيون۔ جيڪي ڪجهه دانشور سچ ڳالهاڻ جي جرئت ڪن ٿا، انهن کي چپ ڪرائي ڇڏيو وڃي ٿو۔ اڄ به ملڪ ۾ اهي ئي طاقتور طبقا گڏ ٿي ويا آهن، جيڪي دولت، طاقت ۽ مفادن جي راند کي جاري رکڻ چاهين ٿا، ۽ عوام هن راند ۾ صرف هڪ “شناختي ڪارڊ” آهي، جنهن جو ڪم رڳو ٽيڪس ۽ بل ادا ڪرڻ آهي۔ملڪ ۾ ترقي ته پري جي ڳالهه، زوال جي رفتار روڪڻ به ناممڪن لڳي ٿو۔ ادارا ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن۔ انصاف، سڌارو ۽ بهتري جا سڀ دروازا بند ٿيندا وڃن پيا۔ سياسي دلدل ايتري گهرائي ۾ پهچي وئي آهي جو سڄو ملڪ ان ۾ ڊٻي ويو آهي۔ جيڪڏهن حڪمران سمجههن ٿا ته هو پاڻ ان انجام کان بچي ويندا، ته اها وڏي ڀُل آهي۔ تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن تباهي اچي ٿي ته اشرافيا به ساڻس گڏ ڊٻي ٿي وڃي ٿي۔ اسان جو حڪمران طبقو ملڪ کي دنيا جي روش ۽ جهموري سوچ جي ابتڙ هلائي رهيو آهي۔ شايد ڪجهه ڏهاڪن تائين هليو، پر هاڻي اهو ئي طريقو وڌيڪ نه هلي سگهندو۔