بينظير ڀٽو جي زندگي جمهوريت جي جدوجهد سان جڙيل آهي:آصف علي زرداري

ڪراچي (رپورٽر) صدر آصف علي زرداري شهيدِ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾  چيو آهي ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي هڪ عظيم جمهوري اڳواڻ طور ياد ڪيو پيو وڃي، جن جي زندگي ۽ قرباني پاڪستان ۾ جمهوريت جي جدوجهد سان ويجهي طرح جڙيل رهي آهي، صدر زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو عالمِ اسلام جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جنهن کي پاڪستان جي عوام ٻه ڀيرا چونڊيو، هن آمريت، سياسي پابندين ۽ ڏکين حالتن باوجود آئين، پارليامينٽ ۽ عوام جي ووٽ جي حق لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي ۽ سدائين پرامن سياست تي يقين رکيو، صدر آصف زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو هارين، مزدورن ۽ محروم طبقن جي آواز بڻجي عوامي سياست کي هٿي ڏني، نوجوانن لاءِ روزگار، تعليم ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي سندس ترجيحن ۾ شامل رهي جڏهن ته سماجي ترقي لاءِ به عملي قدم کنيا ويا، محترمه بينظير ڀٽو اهڙي پاڪستان جي حامي هئي جتي سڀني شهرين کي برابري، عزت ۽ تحفظ حاصل هجي، هوءَ فرقيواريت، عدم برداشت ۽ نفرت جي سخت مخالف هئي ۽ اقليتن جي حقن لاءِ مسلسل آواز اٿاريندي رهي، 1990ع واري ڏهاڪي ۾ محترمه بينظير ڀٽو معيشت جي بهتري، سيڙپڪاري جي واڌ ۽ جديد ذريعن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قدم کنيا جن سان ملڪ ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي جي بنياد پئي، انتهاپسندي خلاف محترمه بينظير ڀٽو جو بهادرانه موقف تاريخ جو حصو آهي، هن تشدد ۽ نفرت خلاف آواز اٿاريو ۽ پنهنجي نظرين جي قيمت جان جي قرباني ڏئي ادا ڪئي، سندس شهادت اسان کي سيکاري ٿي ته دهشت گردي جو مقابلو صرف طاقت سان نه پر سوچ، تعليم ۽ باهمي احترام سان به ڪري سگهجي ٿو، محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت، رواداري ۽ ترقي تي ٻڌل پاڪستان جي خواب کي اڳتي وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.