شهيد راڻي جو خوشحال پاڪستان جو خواب ضرور پورو ٿيندو۔: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو آئين، جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي۔ هن چيو ته شهيد راڻي مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي ۽ هن قيد و بند جون سختيون سهندي به عوام لاءِ جدوجهد جاري رکي۔. وڏي وزير موجب شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي قربانين، حوصلي ۽  ياسي بصيرت جو مثال آهي، جنهن کي دنيا مڃي ٿي۔. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عورتن کي بااختيار بڻايو، آمريت خلاف جدوجهد ڪئي ۽ سياسي انتقام بدران جمهوريت تي يقين رکيو۔. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني ۽ ماءُ جي مشن تي هلي رهيو آهي ۽ شهيد راڻي جو خوشحال پاڪستان جو خواب ضرور پورو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.