سنڌ جي انقلابي شاعر شيخ اياز، واقعي سچ چيو آهي ته شخصيتون تاريخ جا پير هونديون آهن. تاريخ جيڪا ڪنهن سان به بي انصافي نه ڪندي آهي ۽ جڏهن ڪي عظيم شخصيتون پنهنجي ڏنل ريٽي رت سان لکڻ لاءِ تاريخ جي مورخن کي مجبور ڪنديون آهن ته اتي وقت جو ڪوبه حاڪم ،آمر يا درٻاري ليکڪ به تاريخ جي ان سچائي کي لڪائڻ جي همت يا جرئت نٿو ڪري سگهي
مان جڏهن شهيد راڻي بينظيرڀٽو جي زندگي تي ڪجهه لکڻ لاءِ قلم کنيو ته سچ پچ منهنجي هٿن مان قلم ڇڏائجي ويو ۽ منهنجي ذهن جي اسڪرين تي عظيم پيءُ جي عظيم ڌيءَ ، عالمي سطح جي ليڊر، عظيم ڀيڻ ،عظيم انسان سميت سندس سوين رخ منهنجي ذهن جي اسڪرين آڏو گردش ڪرڻ لڳا ۽ مان به جڻڪ ڪنهن اوپري شهر ۾ پنهنجي خاندان کان وڃائجي ويل ٻار جيان پاڻ کي اٻاڻڪو محسوس ڪيو. منهنجي اکين مان سخت ٿڌ جي موسم ۾ وسندڙ ڪوهيڙي وانگر پاڻي وهڻ لڳو . ڪجهه لمحن کانپوءِ پاڻ کي آٿت ۽ سهارو ڏيندي شهيد راڻي جي مختلف موقعن تي ڪيل تقريرن ،عزم، حوصلي ،همت ،مقابلي ،جدوجهد ۽ عوام خاطر جيئڻ ۽ عوام خاطر مرڻ واري جملي مونکي هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ مان ڪري پيل قلم کڻي لکڻ لاءِ اتساهيو. منهنجي آڏو شهيد راڻي جا ڪيترائي ڪردار سامهون اچي مونسان ڳالهائڻ لڳا.مان سوچيو ته محترما جي زندگي جي ڪهڙي ڪردار تي لکان. شهيد راڻي جي زندگي جو هر لمحو نه فقط سنڌ واسين پر عالم اقوام ۽ ڪائنات لاءِ وقف ٿيل نظر اچي ٿو. ڏينهن هجي يا رات ،صبح هجي يا شام ،گرمي هجي يا سردي ،جمهوريت هجي يا آمريت ،جيل هجي يا جلاوطني هر موڙ تي محترما بينظيرڀٽو شهيد پاڻ ملهايو آهي.
ساري رات سبحان ،جاڳي جن ياد ڪيو
ان جي عبدالطيف چئي مٽي لڌو مان
ڪوڙين ڪن سلام،آتڻ اچيو ان جي
سنڌ جي سدا حيات شاعر ۽ اسان جي قومي رهبر شاه لطيف واقعي سچ چيو آهي ته جيڪي ماڻهو ڏينهن رات جاڳي ان مالڪ جي ڏنل ڏس تي هلندي انسانيت جي ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪندي پنهنجي جان ،مال ارپين ٿا انهن جي مٽي به مان لهي ٿي ۽ ڪروڙين ماڻهو ان مٽي کي سلام ڪرڻ ان جي آتڻ تي اچن ٿا. شهيد راڻي بينظيرڀٽو به پنهنجي زندگي عوام ،ملڪ ۽ قوم لاءِ ارپي ڇڏي ،شهيد راڻي آمرن سان مهاڏو اٽڪائيندي ملڪ اندر عوامي راج ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندي اسان لاءِ اها راهه ۽ رستو ڏئي وئي ته ڪنهن به موِڙ تي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به قيمت تي آمريت آڏو جهڪڻ بدران سر ڏئي سرهو ٿيڻ ئي اصل زندگي آهي.
سوري ءَ سڏ ٿيو ،ڪا هلندي جيڏيون
وجڻ تن پيوم،نالو ڳنهن نينهن جو
شهيد راڻي بينظيرڀٽو پنهنجي ورڪرن سان انتهائي پيار ڪندي هئي،سندس زندگي جو ڪوبه لمحو جدوجهد کانسواءِ نه گذريو . پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ ئي محترما بينظيرڀٽو کي ملڪي توڙي پرڏيهي دورن ۽ پروگرامن ۾ گڏ وٺي ويندو هو ،شهيد ڀٽو دنيا جو عظيم ڏاهو ۽ مدبر هو،جنهن کي اها چڱي ريت جاڻ هئي ته سندس اولاد مان ڪهڙي ٻار ۾ ڪهڙي صلاحيت موجود آهي. شهيد ڀٽو جي سمورن پٽن پنهنجي جاءِ تي پاڻ ملهايو آهي پر بينظيرڀٽو شهيد جنهن پنهنجي سياسي بصيرت ، ڏاهپ ،دانائي ۽ اڪابري سان جنهن نموني سياسي معاملا هجن توڙي ملڪي ڪار وهنوار هجي،سياستدانن ،مذهبي شخصيتن، صحافين، اديبن، دانشورن ،توڙي ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمي سربراهن سان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي مفاد ۾ جمهوريت جون پاڙون مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ مان آمريت جي ڀوت کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻ لاءِ هر مورچي تي۽هر شعبي جي ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ ۽ کين جمهوري ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ قائل ڪيو ،اهڙي شخصيت شايد اسان وٽ صدين پجاڻان پيدا نه ٿيندي
موت ته سڀ کي ماريندو آ
پر موت کي ڪو ڪو ماريندو آ
مرڻا اڳي جي مئا،سي مري ٿيا نه مات
هوندا سي حيات ،جيئڻا اڳي جي جيئا
شهيد راڻي بينظيرڀٽو دنيا جي عظيم انقلابي ۽ جمهوري سرواڻ هئي، هن جي غريب ۽ اٻوجهه عوام سان بي حد محبت ۽ پيار هو . شهيد راڻي هڪ اهڙو امر ڪردار هئي جنهن کي ڪڏهن به موت اچي نٿو سگهي، شهيد راڻي سدائين عوام ۾ رهڻ چاهيندي هئي، جڏهن 18 ڪٽوبر وارو واقعو پيش آيو ته دنيا جهان اهو پئي سمجهيو ته محترما خاموش ٿي ويهي رهندي ۽ اليڪشن مهم نه هلائيندي پر ٽيليفونڪ خطاب ذريعي عوامي جلسن کي خطاب ڪندي پر جڳ جهان ڏٺو ته محترما جهرجهنگ ،شهر شهر ،وستي واهڻ پاڻ وڃي چونڊ مهم هلائي ۽ 18 آڪٽوبر سانحي جي ٻئي ڏينهن لياري ۽ جناح اسپتال پهچي اهو ثابت ڪيو ته جيئن مڇي پاڻي کانسواءِ نٿي رهي سگهي تيئن شهيد راڻي پنهنجي عوام کان جدا نٿي رهي سگهي.شهيد راڻي کي جلاوطني دوران يا ٻاهرين ملڪ ۾ ترسڻ دوران ڪيئي ڀيرا مشورا ۽ صلاحون ڏنيون ويون ته اوهان واپس نه اچو ڇوته اوهان جي زندگي کي خطرو آهي پر شهيد راڻي واضح ڪيو ته هوءَ عوام منجهان آهي ۽ جڏهن ملڪ ،ڌرتي ۽ اتان جو عوام سورن ۾ هجي ،نوجوان بيروزگاري جي بٺي ۾ پڃي رهيا هجن،خودڪشيون ٿي رهيون هجن،جمهوريت جو ڳلو گهٽيو ويو هجي ،ملڪ مٿان آمريت جي تلوار لٽڪيل هجي ،بي گناه ماڻهو آمريتي راج ۾ بي حسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور هجن ،اهڙين حالتن ۾ عوامي ليڊر عوام کان ڪيئن الڳ رهي سگهي ٿو.سڌائتي سڀڪا ،بک نه باسي ڪا
جهڙي تهڙي جات جي جنبش ناهي جاءِ
مون سين هلي سا ،جا جيءُ مٺو نه ڪري
شهيد راڻي بينظيرڀٽو عوام سان ڪيل واعدو پاڙي ڏيکاريو ،هن عوام خاطر ۽ عوام سان گڏ مري اهو ثابت ڪيو ته هن عوام سان اليڪشن مهم دوران جيڪو واعدو ڪيو هو سو زباني واعدو نه پر عملي حلف هو. محترما پنهنجي اليڪشن مهم دوران عوام کان اهو پڻ واعدو ورتو ته هوءَ اوهان سان جسماني طور رهي نه رهي پر اوهان سندس ساٿين سان گڏ رهجو ۽ انهن کي ووٽ ڏجو، اهڙي ريت محترما پنهنجي آخري اليڪشن مهم ۾ پنهنجي اميدوارن کان پڻ حلف ورتو ته اهي عوام سان سچا رهن ۽ عوام جا مسئلا حل ڪن ۽ انهن کي اڪيلو نه ڇڏين. هاڻي اهو اسان جو فرض آهي ته اسان محترما جي ڏنل هدايت تي عمل ڪندي عوام جي ڏک سک ۾ شامل رهندي سندن ڀرجهلو ٿيون ۽ هر موڙ تي انهن سان گڏ رهندي انهن جا مسئلا حل ڪيون.اهو ئي محترما جو مشن آهي ۽ اهو ئي محترما شهيد راڻي جو رستو آهي.