ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو ھڪ اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، جنھن ۾ صوبي ۾ جاري ۽ آئيندي شروع ٿيڻ وارن ٽرانسپورٽ جي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو، يلو لائن بي آر ٽي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي يلو لائن بي آر ٽي رٿائن تي جاري ترقياتي ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ تعميراتي مرحلن، درپيش چيلنجز، ٽائيم لائن ۽ آئيندي جي ھدفن تي روشني وڌي وئي. اجلاس ۾ ڪراچي شھر ۾ متعارف ٿيندڙ نون ڊبل ڊيڪر بسن جي حوالي سان مڪمل آگاھي ڏني وئي،ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ ھدايت ڏيندي چيو تھ جتي جتي ممڪن ٿي سگھي اُتي متوازي ڪم شروع ڪيو وڃي تھ جيئن منصوبا غير ضروري دير جو شڪار نھ ٿين. ھن چيو تھ حڪومت جي ڪوشش آھي تھ سمورا منصوبا مقرر مدي اندر مڪمل ٿين تھ جيئن عام جلد کان جلد اُنھن مان لاڀ ماڻي سگھي. هن چيو تھ ڊبل ڊيڪر بسن جي شروعات جلد ٿيڻ واري آھي ھن پنڪ اسڪوٽيز منصوبي جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو تھ ھن مرحلي ۾ عورتن کي جلد اسڪوٽيز ڏنيون وينديون. اي وي بسن جا نوان روٽ بھ جلد شروع ڪيا پيا وڃن.