ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)احسن اقبال جي اي آر واءِ نيوز تي ڳالهين دوران وائرل وڊيو تي سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا ۽ تجزيا جاري آهن،هڪ ايڪس(ٽوئيٽر) صارف لکيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال کي هڪ پروگرام دوران نامعلوم شخص پاران ڌمڪيون ڏنيون ويون، ۽ اهو لهجو ڪنهن عام ماڻهو جهڙو نٿو لڳي۔هڪ ٻئي صارف لکيو ته ڪنهن به زاويي کان ائين نٿو لڳي ته احسن اقبال کي ڪمري ۾ ٻارن روڪيو هجي. ڪو ٻار گهر جي وڏي سان بدمعاشي ڇو ڪندو ۽ ‘بند ڪريو’ جهڙا لفظ ڇو چوندو؟هڪ ٻئي صارف لکيو ته ڇا خدانخواسته هي وفاقي وزير ۽ پروفيسر احسن اقبال تي ڪو حملو ته ناهي؟ اينڪرپرسن عاصمه شيرازي چيو ته ڌمڪي ڏيندڙ ڪو ٻار نه پر وڏي عمر جو شخص هو،اهو ڪو آفيسر هو يا ڪو ٻيو اهو ته احسن اقبال ئي ٻڌائي سگهي ٿو،جيڪي ”اصل حڪمران“ آهن انهن مان ڪو عهديدار هو ؟ ڪا خبر نه پئي آهي،گهڻن ماڻهن جا اشارا اسٽيبلشمينٽ ڏانهن آهن،هن اوچتي واقعي تي پروگرام جو ميزبان وسيم بادامي به پريشان نظر آيو ۽ هن سوال ڪيو ته ڇا احسن اقبال پنهنجي گهر مان پروگرام ۾ شريڪ هئو؟هن پنهنجي ٽيم کي معاملي جي تفصيل معلوم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کان پوءِ پروگرام کي وقفي لاءِ روڪيو ويو۔تقريباً ست منٽن جي وقفي کان پوءِ وسيم بادامي ٻيهر لائيو آيو، پر ان دوران احسن اقبال واري واقعي تي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي۔وقفي کان پوءِ احسن اقبال پروگرام ٻيهر جوائن نه ڪيو، جڏهن ته پروگرام جا مهمان به تبديل ٿي چڪا هئا۔واقعي کان پوءِ احسن اقبال پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي وضاحتي پوسٽ به جاري ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته توهان جي ڳڻتي ڀريل پيغامن جو شڪريو۔ سڌي نشريات دوران مختصر تعطل ان وقت پيش آيو، جڏهن ڪو شخص بحث ۾ مصروف هو ۽ کيس خبر نه هئي ته مان لائيو آن ايئر آهيان،احسن اقبال وڌيڪ وضاحت ڪندي لکيو ته مان ٿوري دير بعد ٻيهر انٽرويو ۾ شامل ٿي ويس۔ اميد آهي ته هن معاملي کي غير ضروري طور سياسي رنگ نه ڏنو ويندو،ٻئي پاسي وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ به سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته منهنجي به احسن اقبال سان ڳالهه ٿي آهي، هن ٻڌايو ته هڪ ٻار اوچتو ڪمري ۾ داخل ٿي ويو هو، شهباز گل موجب اهو آواز احسن اقبال جي پٽ جو هو،هو اڪثر ساڻس جهيڙا ڪندو آهي
وفاقي وزير سان سرڪاري اهلڪار جي بدتميزي ممڪن ناهي؟
اسلام آباد (عمران شفقت) احسن اقبال اسلام آباد ۾ پنهنجي گهر مان پروگرام ۾ شامل هو، اوچتو هڪ شخص اندر آيو، جنهن تي هو حيران به ٿيو، ڇو ته هو ڪو اڻسڃاتل نه هو، ان شخص چيو ”اٿو، بند ڪريو“ ۽ احسن اقبال فوري طور تي ڪال بند ڪري ڇڏي، پوءِ وڊيو وائرل ٿي وئي بعد ۾ احسن اقبال وضاحت ڪئي ته گهر جو معمولي معاملو هو، سڀ ٺيڪ آهي ڪجهه صحافين چيو ته شايد ٻار اندر اچي ويا هئا، ڪن چيو ته ڪو مائٽ هو. بهرحال، اطلاعات واري وزير به وضاحت ڪئي ته سڀ خيريت آهي . پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا وري ان تي اي آءِ وڊيوز ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيون، جن ۾ عجيب دعوائون ڪيون ويون ته ڪو اهلڪار آيو هو وغيره . حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڪو سرڪاري اهلڪار هجي ها ته اهڙي بدتميزي ممڪن نه آهي. خاص طور جڏهن ڪو وفاقي وزير هجي ۽ هو منسٽر انڪليو جهڙي محفوظ علائقي ۾ هجي. اهڙا علائقا مڪمل طور تي گيٽيڊ هوندا آهن، جتي عام ماڻهو داخل نٿا ٿي سگهن . تاريخ ٻڌائي ٿي ته طاقتور ماڻهن سان به سخت رويا اختيار ڪيا ويا آهن، جهڙوڪ نواز شريف سان 1999ع ۾ ٿيو، يا ڀٽو صاحب سان ٿيو، پر اهي حالتون تڏهن پيدا ٿيون جڏهن اقتدار ختم ٿي ويو هو . موجوده حالتن ۾ ڪنهن وزير سان اهڙو سلوڪ ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.
بند ڪريو: اڻڄاتل همراهه احسن اقبال جو لائيو تجزيو روڪرائي ڇڏيو
اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) خميس جي رات منصوبابندي وارو وفاقي وزير خانگي ٽي جي پروگرام ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ هو. ان دوران جڏهن هو حڪومت ۽ اپويشن وچ ۾ ڳالهين تي تبصرو ڪري رهيو هو ته اوچتو ڳالهين ۾ خلل پيو، هڪ شخص اوچي ۽ جارحاڻي انداز ۾ چيو ته بند ڪريو ان کي، اهو شخص وڊيو ۾ نظر نه آيو. ان کانپوءِ احسن اقبال جي ڪال ڪٽجي وئي جنهن تي ميزبان ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اميد آهي ته سڀ ٺيڪ آهي، سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ٿيو. تنهن کانپوءِ احسن اقبال ٻيهر پروگرام ۾ شامل ٿيو ۽ چيو ته سڀ ٺيڪ آهي. واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مختلف اڳڪٿيون ٿيڻ لڳيون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ان کي سياسي نوعيت جو واقعو قرار ڏنو. ٻئي پاسي احسن اقبال ايڪس تي وضاحت ڏيندي چيو ته سڌي ريت نشريات دوران ويجهي هنڌ تي ڪنهن وچ ۾ بحث ٿي رهيو هو ۽ کيس خبر نه هئي ته هو لائيو آن ايئر آهي، جنهن سبب مختصر خلل پيو. هن وڌيڪ چيو ته هو ڪجهه دير کانپوءِ ٻيهر انٽرويو ۾ شامل ٿيو ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته معاملي کي غير ضروري طور تي سياسي نه بڻايو وڃي. اها وضاحت هن صحافي اجمل جامي جي هڪ پوسٽ جي جواب ۾ ڏني. اجمل جامي چيو هو ته احسن اقبال سان ڳالهايو آهي، ان چيو ته اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي خانداني گڏجاڻي هئي ۽ ٻار اوچتو اسٽڊي روم ۾ اچي ويا جنهن کانپوءِ ڪجهه دير ۾ ٻيهر پروگرام ۾ شامل ٿيس. اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ به تصديق ڪئي ته هن احسن اقبال سان ڳالهايو آهي ۽ هن چيو ته ٻار ڊوڙيندا اچي ويا هئا، سڀ ٺيڪ آهي.
احسن اقبال معاملو: ڪجهه ته ضرور ٿيو آهي؟
لاهور (امداد سومرو) احسن اقبال ڪالهه وسيم بادامي جي پروگرام دوران تمام گهڻو وائرل ٿيو. لائيو پروگرام دوران اوچتو احسن اقبال صاحب جي چهري جا تاثرات بدلجي وڃن ٿا، هو ڪئمري ڏانهن نه پيو ڏسي، لڳي ٿو ته ڪمري ۾ ڪا غيرمعمولي حرڪت ٿي رهي هئي، پوءِ هڪ هٿ ڪئمري اڳيان اچي ٿو ۽ آواز اچي ٿو ته ”بند ڪريو“، جنهن کان پوءِ ڪنيڪشن بند ٿي وڃي ٿو. ان واقعي تي مختلف ڳالهيون ٺاهيون ويون، ڪي چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ ماڻهو موڪلي کين ڌڪا ڏنا، پر اها ڳالهه حقيقت کان پري لڳي ٿي . احسن اقبال پاڻ وضاحت ڪئي آهي ته گهر ۾ ٻار يا گهر وارا اچي ويا هئا، ڪا ننڍڙي گهريلو ڳالهه هئي، ان ڪري پروگرام ۾ خلل پيو، باقي سڀ ٺيڪ آهي . هن ٽوئيٽ به ڪيو ته ان معاملي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي. صحافتي طور ڏسجي ته سندن ڳالهه مڃڻ گهرجي. پر وڊيو ۾ جيڪا آواز ٻڌجي ٿي اها ڪنهن بالغ ماڻهو جي لڳي ٿي، ٻار جي نه تنهنڪري لڳي ٿو ته واقعي ڪجهه ٿيو آهي، پر اهو ڇا هو، اهو وقت سان سامهون اچي ويندو في الحال تحريڪ انصاف جا ٽرولز بنا ثبوت الزام هڻي رهيا آهن، جيڪو صحيح ناهي.