پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي نجڪاري جو عمل آخرڪار مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ لڪي سيمنيٽ وارن 101 ارب 50 ڪروڙ روپين جي ٻولي لڳائي،ائير بليو ايئرلائن ارن 26 ارب 50 ڪروڙن روپين جي ٻولي لڳائي پر ڪامياب نه ٿي جڏهن ته عارف حبيب ڪنسورشيم پاران 135 ارب رپين جي ڪامياب ٻولي ۾ ان جا 75 سيڪڙو حصا حاصل ڪيا ويا آهن. هن فيصلي سان، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ اهم قومي ايئر لائن جو ڪنٽرول نجي شعبي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن جا نه رڳو ملڪ جي معيشت پر هوائي صنعت ۽ پي آءِ اي جي مستقبل تي به گهرا اثر پوندا.
پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل ڪيترائي مهينا اڳ شروع ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪنسورشيم ان کي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري هئي. ٻولي جي شروعاتي مرحلي ۾، اوپن ڪنسورشيم، ايئر بليو ۽ عارف حبيب ڪنسورشيم جي وچ ۾ سخت مقابلو هو. بهرحال، عارف حبيب ڪنسورشيم 121 ارب رپين جي ٻولي ڏئي سڀ کان وڌيڪ قيمت پيش ڪئي. ان کان پوءِ، اوپن ڪنسورشيم وقفي دوران پنهنجي ٻولي وڌائي، پر عارف حبيب ڪنسورشيم 135 ارب رپين جي ٻولي ڏئي فيصلو ڪندڙ پوزيشن حاصل ڪئي. نجڪاري ڪميشن جي عملدارن موجب، عارف حبيب ڪنسورشيم کي پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز خريد ڪرڻ جو اهل قرار ڏنو ويو. ان کان علاوه، خريد ڪندڙ کي باقي 25 سيڪڙو خريد ڪرڻ لاءِ 90 ڏينهن ڏنا ويندا.پي آءِ اي جو بيل آئوٽ هڪ نازڪ موڙ تي آيو آهي جڏهن ايئر لائن جي مالي حالت نازڪ ٿي چڪي آهي.
حڪومت گذريل سال پي آءِ اي جي 654 ارب رپين جي قرضن کي سنڀاليو هو، جنهن ايئر لائن جي مالي حالت ڪجهه بهتر ڪئي، پر پي آءِ اي کي مڪمل طور تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ۽ انتظامي سڌارن جي ضرورت هئي. نجڪاري ڪميشن جي عملدارن چيو ته پي آءِ اي جي موجوده حالت کي بهتر بڻائڻ لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت هئي، ۽ ان لاءِ خانگي شعبي جي شموليت ضروري هئي. نجڪاري ڪميشن موجب، پي آءِ اي جا انگلينڊ ۽ ٻيا يورپي رستا بحال ڪيا ويا آهن ۽ هن ڀيري پي آءِ اي جي نجڪاري وڌيڪ پرڪشش هئي. ان سان گڏ، حڪومت پاران پي آءِ اي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت پڻ اهم ٿي وئي هئي ته جيئن اداري کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهجي.
بهرحال مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ ٽيڪس چوري جي بي تاج بادشاهه "عارف حبيب گروپ” پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (PIA) کي 135 ارب روپين ۾ خريد ڪري ورتو آهي. عارف حبيب گروپ بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون موجود آهن، جيئن سال 2006ع ۾ عارف حبيب گروپ پاڪستان جي قومي خزاني کي 18.6 ارب روپين جو چونو لڳايو هو. 2006ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو فيصلو موجود آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي نجڪاري وقت عارف حبيب گروپ 18.6 ارب روپين جو فراڊ ڪيو هو ۽ سپريم ڪورٽ پاڻ اسٽيل ملز جي نجڪاريءَ جي عمل کي غير شفاف قرار ڏئي روڪي ڇڏيو هو.ايئن سال 2018ع ۾ هڪ تحقيقاتي رپورٽ سامهون آئي هئي جنهن ۾ هڪ بزنس مين جاويد حسنين راشد عارف حبيب گروپ تي سيڪيورٽي فراڊ ۽ مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا هئا ۽ بعد ۾ عدالتن مان اهي الزام ثابت به ٿي ويا هئا. عدالت عارف حبيب گروپ کي ڪجهه وقت لاءِ ڪنهن به نجڪاري واري عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل پڻ قرار ڏنو هو. وري سال 2024ع ۾ ايف بي آر (FBR) عارف حبيب گروپ کي ٽيڪس ڊيفالٽر قرار ڏنو هو. ايف بي آر موجب عارف حبيب گروپ فينٽم ڪمپنيون هلائڻ ۾ ملوث آهي، يعني اهي ماڻهو ٽيڪس کان بچڻ لاءِ غير رجسٽرڊ ڪمپنيون هلائيندا آهن ۽ جعلي نالا استعمال ڪندا آهن.
بهرحال عارف حبيب ڪنسورشيم جي ڪاميابي کان پوءِ، سوال اهو پيدا ٿي رهيو آهي ته پي آءِ اي اندر ڪهڙين تبديلين کي منهن ڏيڻو پوندو. نون مالڪن کي پي آءِ اي جي آپريشن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنجن سالن جي عرصي دوران ان جو 80 سيڪڙو ڪرڻو پوندو. هن سيڙپڪاري ۾ ايوي ايشن، ڪارگو ڪاروبار، ٽريننگ ونگ، ۽ ڪچن ڪاروبار شامل هوندا، جيڪي پي آءِ اي جي ڪارڪردگي ۽ معيار جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم آهن.ان سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته پي آءِ اي ملازمن جا حق ۽ فائدا ۽ انهن جي پينشن ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ جون ذميواريون هولڊنگ ڪمپني جي ذميواري هونديون. نون مالڪن جي ذميواري هوندي ته اهي موجوده ملازمن جي پگهارن ۽ فائدن جو خيال رکن ته جيئن ڪمپني اندر ڪا به بيچيني يا احتجاج نه ٿئي. پي آءِ اي جي نجڪاري صرف هڪ ڪاروباري فيصلو آهي جنهن جو صنعت تي گهرو اثر پوندو. حڪومت شيئرز کي 51 کان 100 سيڪڙو تائين نجڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ ان جو مقصد نه رڳو پي آءِ اي کي وڪرو ڪري پئسا ڪمائڻ هو، پر ان کي هڪ بهتر ايئر لائن بڻائڻ به هو. حڪومت جي هن حڪمت عملي نه رڳو اداري جي مالي حالت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان جو مقصد هوائي جهاز جي شعبي ۾ مقابلي کي هٿي ڏيڻ پڻ هو. بيدڪري ڪميشن جي سربراهه چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري کان پوءِ ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل لاءِ به رستو هموار ٿيندو، جنهن سان حڪومت لاءِ وڌيڪ مالي وسيلا گڏ ڪرڻ جو رستو کلي ويندو. ان کان علاوه، هي قدم هوائي جهاز جي صنعت ۾ هڪ نئين هدايت متعارف ڪرائڻ لاءِ پڻ اهم آهي. جيتوڻيڪ پي آءِ اي جي نجڪاري حڪومت لاءِ هڪ اهم قدم آهي، پر عوام ۽ ڪمپني جي ملازمن ۾ پڻ پريشاني جي لهر آهي. ملازمن جو خيال آهي ته پي آءِ اي کي خانگي مالڪن جي ماتحت ڪرڻ جو عمل انهن جي نوڪرين تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو يا انهن جي حقن کي گهٽائي سگهي ٿو. اختيارين يقين ڏياريو آهي ته موجوده ملازمن جي حقن کي مڪمل طور تي محفوظ ڪيو ويندو، ۽ ڪمپني جي مالي استحڪام لاءِ فوري سيڙپڪاري ۽ پيشه ورانه انتظام جي ضرورت پوندي. عوام ۾ اهو به خوف آهي ته نجڪاري کان پوءِ پي آءِ اي جون خدمتون منفي طور تي متاثر ٿي سگهن ٿيون. حڪومت زور ڏنو آهي ته نجڪاري جو مقصد صرف پي آءِ اي جي مالي حالت کي بهتر بڻائڻ ۽ ان کي هڪ جديد ايئر لائن جي طور تي ٻيهر ڪامياب بڻائڻ آهي. پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل هڪ سنگ ميل آهي جنهن جا دور رس اثر پوندا. عارف حبيب ڪنسورشيم جي ڪامياب ٻولي کان پوءِ، پي آءِ اي جو مستقبل هاڻي خانگي شعبي جي هٿن ۾ آهي، ۽ ان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي.