صوبا زميني حقيقتون ڏسي بڻايا وڃن: فضل الرحمان

رحيم يار خان (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو  آهي ته ملڪ ۾ صدارتي نظام ماضي ۾ به ناڪام رهيو، اڳتي به نٿو هلي سگهي، چونڊون شفاف ٿيون ته عوامي مينڊيٽ جي عزت هوندي. رحيم يار خان ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته زميني حقيقتون سامهون رکي صوبن کي ورهايو وڃي ته ڪو حرج ناهي پر سياسي بنياد تي اهڙي قدم سان ڏڦيڙ جنم وٺندو. هن چيو ته 2018 ۽ 2024 جي چونڊن ۾ عوامي راءِ جو احترام نه ڪيو ويو، اليڪشن ميرٽ تي ٿئي ها ته مهانگائي نه هجي ها. هن پي ٽي آءِ سان ڳالهين کي سياست ۾ هاڪاري قرار ڏنو ۽ چيو ته هر پارٽي کي احتجاج جو جمهوري حق آهي پر قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.