پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ وچ ۾ 730 ملين ڊالر جي ٻن اهم منصوبن تي صحيحون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ وچ ۾ 730 ملين ڊالرن جي ٻن اهم منصوبن تي صحيحون ٿي ويون.
اقتصادي معاملن واري وزارت جي پڌرائيءَ موجب 330 ملين ڊالر ماليت جي سيڪنڊ پاور ٽرانسميشن منصوبي تي صحيحون ٿيون.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ٽرانسفارميشن پروگرام تي صحيحون ٿيون، جنهن جي ماليت 400 ملين ڊالر آهي.
اقتصادي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ٽرانسميشن منصوبو ايندڙ پن بجلي جي منصوبن سان 2300 ميگا واٽ بجلي جي اعتماد جوڳي پهچ ممڪن بڻائيندو، سرڪاري ملڪيتي اداري جي ٽرانسفارميشن پروگرام سان ايس او اي ايڪٽ ۽ پاليسي تي اثرائتو عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.