ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته هفتي ۾ رڳو ٽي ڀيرا مڇي کائڻ سان توهان جي دماغي ڪارڪردگي، دل جي صحت ۽ مدافعتي قوت ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي؟
ماهرن موجب سياري جي مند ۾ مڇي هڪ بهترين سپر فوڊ آهي، ڇو ته اها اعليٰ معيار جي پروٽين، اوميگا-3 فيٽي ايسڊز (DHA) ۽ (EPA)، وٽامن ڊي ۽ وٽامن بي 12 سان ڀرپور هوندي آهي، جيڪي دماغي خلين کي مضبوط بڻائڻ، يادداشت بهتر ڪرڻ ۽ ڊپريشن ۽ ذهني ڪمزوري جي خطري کي گهٽ ڪندا آهن.
مڇي دل جي رڳن کي صحتمند رکندي آهي، بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي ۽ سياري ۾ نزلي، زڪام ۽ انفيڪشن کان بچاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، جڏهن ته ان جون اينٽي انفلاميٽري خاصيتون سنڌن ۽ جسماني سور ۾ به واضح گهٽتائي آڻينديون آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان واقعي اهي فائدا حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته مڇي ۾ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻايو.
You might also like