”پي آءِ اي جي نجڪاري هڪ وڏو اسڪينڊل ثابت ٿيندي“

لاهور(بيورو)پيپلز ليبر بيورو جي انچارج چوڌري منظور چيو آهي ته حڪومت  پي آءِ اي  جي نجڪاري بابت قوم کي گمراهه ڪري رهي آهي ۽ اها نجڪاري هڪ وڏو اسڪينڊل ثابت ٿيندي.لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري منظور چيو ته جنهن گهر جا ٿانو وڪامن، ان جي سوڀ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي؟ هن چيو ته پاڪستان جا اثاثا اوڻي پوڻي اگهن تي وڪرو ڪيا ويا آهن.هن چيو ته پي آءِ اي جا اثاثا هزارين ارب رپين جا آهن ۽ اداري گذريل سال 26 ارب رپيا منافعو ڪمايو هو.پيپلز ليبر بيورو جي انچارج موجب پي آءِ اي جا 30 جهاز لڳ ڀڳ 100 ارب رپين جا آهن.چوڌري منظور جو چوڻ هو ته ملازمن جو پروويڊنٽ فنڊ 20 ارب رپيا آهي، جڏهن ته 8 عمارتن جي ماليت لڳ ڀڳ 50 ارب رپيا آهي. ان کان علاوه 10 ارب رپين جا اسيپئر پارٽس ۽ هينگرز پڻ آهن.هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي جي پرائيويٽائيزيشن سراسر زيادتي ۽ ظلم آهي، جڏهن ته اداري جو سيلري امپيڪٽ رڳو 16 سيڪڙو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.