پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ حڪومت کي ڇا مليو؟

لاهور(مبشر لقمان)پي آءِ اي وڪامجي وئي آهي،سوال اهو آهي ته حڪومت کي ڇا حاصل ٿيو؟پي آءِ اي هڪ وقت منافع بخش هئي، پوءِ به ڇو وڪامي وئي؟قومي ايئر لائن تي اربين جو قرض آهي، هاڻي اهو ڪير ادا ڪندو؟عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ ڪهڙيون ڪمپنيون شامل آهن؟ڇا هن ڊيل جي پويان فوجي فائونڊيشن يا ٻيو خفيه عنصر آهي؟پي آءِ اي هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن مان هر ڪو جان ڇڏائڻ لاءِ تيار ويٺو هو، دشمن، دوست، حڪومت، ۽ اپوزيشن سڀ ان کي برقرار رکڻ کان انڪار ڪري رهيا هئا، ايستائين جو شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، دانيال عزيز جهڙا مخالف به ڊيل کي قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا،ڊيل کان پوءِ چيو پيو وڃي ته  حڪومت کي صرف 10 ارب رپيا حاصل ٿيندا، ۽ دعويٰ آهي ته هي راند ڪنهن کي نوازڻ لاءِ ڪئي وئي.2023 ۾ پي آءِ اي جو خسارو 44 ارب رپيا هوحيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته 2024 ۾ پي آءِ اي نقصان کان منافعي ۾ آئي پي آءِ اي جي اثاثن  36جهاز آهن  جن مان صرف 18 آپريشنل آهن،دنيا جي 77 ايئرپورٽس تي لينڊنگ رائيٽس يورپ ۽ ڪينيڊا جي اهم شهرن تائين اڏامون،امريڪا ۾ پابندي ،ملڪ اندر ۽ پرڏيهه  ۾ اربين جا اثاثا  جڏهن ته پيرس ۽ نيو يارڪ وارا هوٽل، جيڪي ڊيل ۾ شامل نه آهن ملازمن جو تعداد 11 هزار کان گهٽجي 6,500 ٿي ويو رٽائرڊ ملازمن جي پينشن، ميڊيڪل بيلس، ۽ رهائشي پيڪيجز ادا ڪيا وينداڊيل تحت ملازمن کي هڪ سال تائين ملازمت، پگهار۽ مراعات جاري رهنديون مستقبل ۾ ڪيئن برطرفيون ٿينديون، ان بابت ڪميشن واضح ناهي ڪيوڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن پويان اصل ۾ فوجي فائونڊيشن آهي، پر اهو محض سازشي نظريو آهي پي آءِ اي اڃا تائين قرضن هيٺ آهي، اصل ڪارڪردگي اڃا بهتر ٿيڻ جي ضرورت آهي ڊائون سائيزنگ ڪري  غير منافع بخش روٽس بند ڪيا وڃن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 25 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.