ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ هڪ هزار 18 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا منظور ڪيا ويا.
پنهنجي بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته صوبائي حڪومت جي ترقياتي اسٽريٽجي 26-2025 تحت مجموعي طور تي هڪ هزار 18 ارب رپين جا منصوبا منظور ڪيا ويا آهن.
هن ٻڌايو ته ترقياتي اسٽريٽجي تحت ٻوڏ متاثرن 1600 ثانوي اسڪولن جي نئين سر تعليم لاءِ 340 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 9 نوان ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪيا ويندا ۽ سکر ۾ عورتن جي يونيورسٽي جو منصوبو تيزيءَ سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته 146.9 ارب رپيا ايس آءِ يو ٽي، ايس آءِ سي وي ڊي، انڊس اسپتال ۽ سنڌ جي وڏين اسپتالن کي گرانٽس ان ايڊ طور فراهم ڪيا ويا آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته توانائي شعبي ۾ سنڌ سولر انرجي منصوبي لاءِ 69.97 ارب رپيا مختص آهن، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ پل ۽ ڌاٻيجي انڊسٽريل زون تي ڪم جاري آهي، جيڪي صنعتي ترقي ۽ شهري ڀلائي لاءِ مددگار ثابت ٿيندا.
Next Post
You might also like