ريلوي اختيارين جو اهم اعلان، جعفر ايڪسپريس، بولان ميل ۽ چمن ٽرين معطل

لاهور (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ٽرين سروس سڀاڻي هڪ ڏينهن لاءِ معطل رهندي.
ريلوي اختيارين موجب ٽرين سروس جي معطلي جو فيصلو اڻٽر سببن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته پشاور لاءِ جعفر ايڪسپريس خميس تي نه ويندي، ڪراچي لاءِ بولان ميل ۽ چمن لاءِ چمن ٽرين به سڀاڻي معطل رهندي.
ريلوي اختيارين چيو ته پشاور کان سڀاڻي ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس به معطل ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.