اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي علائقي سيڪٽر جي 8 ۾ پرڏيهي عورت مبينا طور ڇت تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
پوليس ذريعن موجب پرڏيهي عورت مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي عورت وزٽ ويزا تي پاڪستان آيل هئي، جنهن جو لاش اسپتال نيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.