لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٻن نين ٽيمن جي وڪري لاءِ جاري ڪيل ٽينڊر جا غير معمولي ۽ اتساهيندڙ نتيجا جاري ڪري ڇڏيا.
پي سي بي موجبم مقرر ڪيل تاريخ اندر 12 پارٽين باضابطا طور تي ٻوليون جمع ڪرايون آهن.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته دنيا جي پنجن ملڪن مان ٻوليون جمع ڪرايون ويون آهن، جنهن آمريڪا، آسٽريليا، ڪئناڊا، يو اَي اِي ۽ پاڪستان شامل آهن، جيڪو پي ايس ايل جي عالمي مقبوليت ۽ ڪشش جو واضح ثبوت آهي.
پي سي بي موجب، ٻولي جي ايندڙ مرحلي جي نتيجي جو اعلان 27 ڊسمبر تي ڪيو ويندو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ ٽيڪنيڪي لحاظ کان ڪواليفائيڊ بڊرز کي اوپن ڪمپٽيشن بڊنگ ذريعي ٻه نيون ٽيمون خريد ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو، اِهو مرحلو 8 جنوري تي اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان عمل شفاف، برابري ۽ عالمي معيار موجب مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن پاڪستان سپر ليگ جي واڌ ويجهه ۽ ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي.