سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙي شادي جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ڏسندڙن کي حيرت ۽ تجسس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
انسٽاگرام تي هڪ مشهور فوٽوگرافر دعويٰ ڪئي آهي ته ورهين کان ڪيترين ئي شادين جي عڪسبندي جي ابتڙ هيءَ تقريب سندس لاءِ صفا مختلف هئي.
فوٽوگرافر پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شادي جي اها انوکي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن موجب اها شادي زمين تي نه پر فضا ۾ ٿي.
نجي جهاز اندر رٿيل تقريب ۾ جوڙو ڪڪرن مٿان هڪٻئي سان وفا جو عهد ڪري رهيو هو، حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ان شادي ۾ گهوٽ جي عمر 90 سال ۽ ڪنوار جي عمر رڳو 25 سال ٻڌائي وئي آهي.
فوٽوگرافر پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته مان ڪيتريون ئي شاديون ڪور ڪيون اهن پر اهڙي شادي ڪڏهن ناهي ڏٺي، محبت جون ڪهاڻيون هميشه هڪ جهڙيون ناهن هونديون.
You might also like