قومي يڪجهتي، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي: ڪور ڪماندرز ڪانفرس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته قومي يڪجهتي، سلامتي، استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، ڀلي اهي عنصر سياسي هجن يا ڪي ٻيا.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدارت هيٺ 273هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن عزم ورجايو ته ڀارتي سرپرستي هيٺ سمورن دهشتگردن، سهولتڪارن، مددگارن کي بنا ڪنهن رعايت جي منهن ڏنو ويندو.
فورم دهشتگردي، ڏوهن ۽ سياسي مفادن وچ ۾ ڪٺ جوڙ کي رد ڪندي چيو ته قومي يڪجهتي، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، ڀلي اهي عنصر سياسي هجن يا ڪي ٻيا.
فيلڊ مارشل چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ استحڪام ڏانهن وڃي رهيو آهي، پاڪستاني عوام جي ثابت قدم حمايت سان ملڪ يقيني طور عزت ۽ وقار ڏانهن وڌي رهيو آهي.
فورم چيو ته فوج ۽ عوام وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.