فلوريڊا (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ٽينس اسٽار وينس وليمز فلوريڊا ۾ اطالوي اداڪار آندريا پريٽي سان شادي ڪري ڇڏي.
وينس وليمز جي اطالوي اداڪار، ماڊل ۽ ڊيزائنر آندريا پريٽي سان ماضي ۾ دوستي جا چرچا رهيا، جڏهن ته جوڙي جي شادي جون تقريبون ڇهه ڏينهن تائين فلوريڊا جي پام بيچ ۾ جاري رهيون.
ان موقعي تي آمريڪي ٽينس اسٽار وينس وليمز چيو ته ڀيڻ سرينا وليمز قيمتي ياٽ تحفي طور ڏني، جنهن تي خاندان جي ويجهن ماڻهن لاءِ ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو ۽ سرينا وليمز ئي ياٽ ۾ سڀني کاڌن جو بندوبست ڪيو.
ان کانسواءِ سرينا وليمز شادي جي موقعي تي پنهنجي ڀيڻ لاءِ تصويرن سان گڏ محبت ڀريو پيغام پڻ شيئر ڪيو.
وينس وليمز چيو ته ٻيڙي تي 10 کان 12 خاندان جا فرد ۽ دوست موجود هئا ۽ اسان هڪ هفتي تائين ڏاڍو انجواءِ ڪيو.
واضح رهي ته وينس وليمز ۽ آندريا پريٽي جي ملاقات 2024ع ۾ ميلان ۾ هڪ فيشن شو دوران ٿي هئي، ٻنهي جولاءِ ۾ مڱڻو ڪيو.
You might also like