ايشز ۾ ناڪامي، ۽ رانديگرن جو شراب واپرائڻ وارو معاملو، بين اسٽوڪس به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ميلبورن (ويب ڊيسڪ(انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ايشز سيريز جي شروعاتي ٽنهي ميچن ۾ شڪست ۽ رانديگرن جي حد کان وڌيڪ شراب واپرائڻ بابت ٿيندڙ تنقيد تي رانديگرن جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو آهي.
بين اسٽوڪس موجوده صورتحال ۾ رانديگرن جي ذهني صحت کي اهم ترجيح قرار ڏيندي چيو ته جيڪي رپورٽون ۽ ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن، ان سڀ کان وڌيڪ هن لاءِ ڳڻتي جو ڪارڻ سندس رانديگر آهن.
هن چيو ته موجوده صورتحال کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي، اهو سندس لاءِ گهڻو اهم آهي، ٽيم ۾ موجود هر فرد ۽ خاص طور تي ڪجهه رانديگرن جي فلاح ۽ بهبود هن وقت پهرين ترجيح آهي.
سندس چوڻ هو ته کيس ذاتي تجربو آهي ته اهڙي قسم جا معاملا ماڻهن کي ڪيئن متاثر ڪري سگهن ٿا، انگلينڊ جي ڪپتان طور سندس ذميواري آهي ته هو پنهنجي رانديگرن کي هر ممڪن حد تائين تحفظ فراهم ڪري.
بين اسٽوڪس موجب، هو هميشه پنهنجي رانديگرن جو دفاع ڪندو ۽ هن وقت اها ئي سندس سڀ کان وڏي ذميواري آهي.
هن چيو ته جڏهن سيريز هارائجي وڃي ٿي ته توهان جي هر ڳالهه ۽ هر عمل جي اسڪروٽني ٿيندي آهي ۽ اهو صحيح به آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن توهان وڏي سيريز جون شروعاتي ٽئي ميچون هارائيندا آهيو ته پوءِ پنهنجي بچاءَ ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه به باقي نه رهندو آهي.
واضح رهي ته ايشز سيريز ۾ شڪست ۽ نوسا ۾ پارٽي کانپوءِ انگلينڊ ٽيم سخت تنقيد جي نشاني تي آهي.
انگلش ٽيم جي رانديگر بين ڊڪٽ جي نشي جي حالت ۾ وڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اي سي بي به حرڪت ۾ اچي ويو آهي.
انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر راب ڪي پڻ رانديگرن جي نوسا ۾ مبينا شراب نوشي بابت جاچ ڪرائڻ جو واعدو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.