اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام کان پوءِ هاڻي ترقيءَ جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، معاشي سڌارن سبب ملڪي ۽ عالمي اعتماد ۾ واڌ ٿي آهي ۽ معيشت هاڻي قرضن بدران برآمدن تي ٻڌل ترقي ڏانهن وڌي رهي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ محمد اورنگزيب چيو ته مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽجي سنگل ڊيجٽ تائين اچي چڪي آهي، جڏهن ته پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا به ساڍا چوڏهن ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن.
هن چيو ته پرائمري بجيٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس اهم ڪاميابي آهي، مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، 2.7 سيڪڙو معاشي واڌ هاڪاري آهي پر اڃا ڪافي ناهي، جڏهن ته ٽيڪس، توانائي ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارا جاري آهن.
سندس چوڻ هو ته آءِ ٽي برآمدون چار ارب ڊالر کان وڌي چڪيون آهن ۽ پنجن سالن ۾ ٻيڻيون ٿيڻ جو امڪان آهي، نجڪاري ۽ ٽيرف سڌارن سان عالمي مقابلي جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو، عالمي بئنڪ موجب پاڪستان ۾ ”ايسٽ ايشيا مومنٽ“جو امڪان موجود آهي.
You might also like