هاڻي وڏن ادارن ۾ گهڻو ڪجهه باقي ناهي رهيو: شاهد خاقان

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) حڪومت کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن جي نجڪاري ۾ ڪاميابي ملي آهي. وزيراعظم ۽وفاقي وزيرن ان عمل کي ملڪ ۾ نجڪاري عمل لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي گهڻي عرصي کان حڪومت تي بار هئي ۽ نجڪاري سان ادارو بهتر ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته هي ٻي ڪوشش هئي، پهرين ڪوشش بري طرح ناڪام ٿي ڇاڪاڻ ته رڳو هڪ ئي ٻولي ڏيندڙ آيو هو ۽ ان جي آڇ به تمام گهٽ هئي. هن چيو ته ان وقت شرطون سخت ۽ سيڙپڪار تي وڏو بار هو، جنهن سبب معاملو اڳتي نه وڌي سگهيو. هن موجب هاڻوڪي معاهدي ۾ حڪومت کي لڳ ڀڳ 25 کان 30 سيڪڙو رقم ملندي، جڏهن ته باقي رقم ڪمپني ۾ ئي لڳندي ۽ لڳ ڀڳ 115 کان 120 ارب رپين جي ذميواري خريد ڪندڙ کڻندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته هو ان فيصلي تي خوش آهي، ڇاڪاڻ ته پي آءِ اي ڊگهي عرصي کان حڪومت تي بار هئي. هن ٻڌايو ته 1999 تائين پي آءِ اي حڪومت لاءِ ڪو بار نه هئي، پر بعد ۾ مقابلي وڌڻ سبب نقصان وڌندو ويو ۽ اندازي موجب اڄ تائين لڳ ڀڳ 5 ارب ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آهي. هن چيو ته هاڻي مقابلو تمام گهڻو آهي، ملڪ اندر به ۽ ٻاهر به، ان ڪري ايئرلائن هلائڻ ڏکيو ڪاروبار آهي، خاص ڪري پاڪستان جهڙين حالتن ۾، جتي ليز، انشورنس ۽ اثاثا مهانگا آهن. هن موجب مارڪيٽ ننڍي آهي ۽ اڳ ئي ڪيترين ايئرلائينن جو مقابلو موجود آهي. نجڪاري بابت هن چيو ته هر نجڪاري ڪامياب هوندي آهي، ڀلي رقم گهٽ هجي يا وڌيڪ. هن چيو ته هاڻي وڏن ادارن مان گهڻو ڪجهه باقي ناهي رهيو، وڏو بار رڳو ڊسڪوز ۽ ريلوي جهڙا ادارا آهن، جن کي به نجي شعبي حوالي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.