اسلام آباد (عاصما شيرازي) وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني سياسي پارٽين جو گڏ هجڻ ضروري آهي، پر غير قانوني مطالبا قبول نه ڪيا ويندا. هن واضح ڪيو ته جائز معاملن تي ڳالهين لاءِ حڪومت تيار آهي. ذريعن موجب حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي ڪوشش ٿي رهي آهي. راڻا ثناءُالله، اسحاق ڊار ۽ اعظم نذير تارڙ پي ٽي آءِ جي سگهاري ڌڙي سان رابطي ۾ آهن، جڏهن ته شاهه محمود قريشي جي جلد آزادي به متوقع آهي. چيو پيو وڃي ته شاهه محمود قريشي پارٽي اندر هڪ مضبوط گروهه جي حمايت حاصل ڪري سگهي ٿو. ٻئي پاسي عليمه خان چيو آهي ته جيڪو ڳالهين طرف ويندو اهو پارٽي جو حصو نه هوندو، جڏهن ته عمران خان تحريڪ هلائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته هو اهڙي احتجاج تي يقين نٿو رکي جنهن ۾ ماڻهن جا ٻار مري وڃن. ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسڻو پوندو ته پي ٽي آءِ ڳالهين طرف وڃي ٿي يا وڌيڪ ورهاست جو شڪار ٿئي ٿي.