پي آءِ اي جي نجڪاري کانپوءِ ملازمن جو ڇا ٿيندو؟ ايئر لائن خريد ڪندڙ گروپ ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي جي 135 ارب رپين ۾ ڪامياب ٻولي لڳائيندڙ گروپ جي سربراهه عارف حبيب چيو آهي ته ان ڪاميابي سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي.
هن چيو ته پي آءِ اي اسان جو قومي ادارو آهي ۽ ان ماضي ۾ سٺا ڏينهن ڏٺا آهن، ان جا ملازم باصلاحيت آهن ۽ ڪم کي سٺي نموني ڄاڻين ٿا، اميد ته ڪمپني ۾ نئين سيڙپڪاري سان ايئر لائن جا مسئلا حل ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته شروعات ۾ فليٽ ۾ 18 کان 19 جهاز آهن، جن مان فعال 13 يا 14 آهن، پهرئين مرحلي ۾ انهن جو انگ 38 تائين وڌائينداسين ۽ پوءِ ڊيمانڊ جي حساب سان وڌائينداسين.
هن چيو ته پي آءِ اي ملازمن کي اعتماد ڏينداسين، سندن صلاحيتن مان فائدو کڻنداسين، ڪمپني وڌڻ سان ٻين ماڻهن کي به روزگار ملندو، ڪمپني کي جنهن سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اها آئي ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.