دهلي جي هڪ ايم سي ڊي پارڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڏکڻ آفريقي فٽبال ڪوچ کي هندي نه سکڻ تي ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي مقامي ڪائونسلر ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ته جيڪڏهن هو هڪ مهيني اندر هندي نه سکيو ته کيس پارڪ مان ڪڍيو ويندو.
بي جي پي جي مقامي ڪائونسلر رينو چوڌري طرفان ڏنل ان ڌمڪي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.
وڊيو ۾ رينو چوڌري کي پرڏيهي ڪوچ کان سخت لهجي ۾ سوال ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو ته هو ڊگهي عرصي کان ڀارت ۾ رهڻ باوجود هندي ڇو نه سکي سگهيو آهي؟
وڊيو ۾ هوءَ چوندي نظر اچي ٿي ته جيڪڏهن هتان پيسو کائي رهيا آهيو ته هندي ڳالهائڻ به سکو، جيڪڏهن پارڪ استعمال ڪرڻو آهي ته هندي سکي اچو، ٻي صورت ۾ پارڪ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
اهو واقعو مبينا طور 13 ڊسمبر تي پيش آيو، جنهن کان پوءِ سياسي ۽ سماجي ردعمل سامهون اچڻ لڳا ۽ ڪائونسلر تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ڄاڻايل پرڏيهي ڪوچ گذريل 14 کان 15 ورهين کان دهلي ۾ رهي ٿو ۽ مقامي ٻارن کي فٽبال جي تربيت ڏئي رهيو آهي.
تڪرار وڌڻ باوجود رينو چوڌري پنهنجي قدم جو دفاع ڪندي چيو ته پارڪ جي عملي کي ڪوچ سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، ڇو ته هو هندي نٿو سمجهي.
هن الزام هنيو ته ڪوچ ايم سي ڊي پارڪ کي بنا اجازت ۽ فيس ادا ڪرڻ کانسواءِ واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو هو.
ڪائونسلر موجب پارڪ ۾ سرگرميون مقرر وقت کانپوءِ به جاري رهنديون هيون ۽ صفائي ۽ نظم و ضبط بابت هدايتن کي ڪوچ ٻولي نه سمجهڻ جو بهانو بڻائي نظرانداز ڪندو رهيو.
رينو چوڌري اها به دعويٰ ڪئي ته هن اٺ مهينا اڳ ڪوچ کي بنيادي هندي سکڻ جو مشورو ڏنو هو ۽ هندي سکڻ جي فيس ادا ڪرڻ جي آڇ به ڪئي هئي.
ٻئي طرف پرڏيهي ڪوچ جو چوڻ آهي ته هو رڳو ٻارن کي فٽبال سيکاري رهيو هو ۽ هن سان گڏ ڀارتي شهري به موجود هوندا آهن، جيڪي رابطي ۾ مدد ڪندا آهن.
You might also like