اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد 2010 ۾ ايئر بليو جي جهاز حادثي بابت ڪيس ۾ نجي ايئر لائن جون سمريون 8 اپيلون خارج ڪري ڇڏيون، جڏهن ته 5 ارب 41 هزار 78 هزار رپيا ڏنڊ طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت متاثرن جي 8 ۽ ايئر بليو جي 9 اپيلن تي لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڊاڪٽر رسول بخش ميرجت لکت فيصلو جاري ڪيو.
عدالت جهاز حادثي ۾ ٿيندڙ نقصانن لاءِ معاوضي جي سول دعويٰ تي فيصلو ڏنو، عدالت ايئر بليو کي هر اپيل تي هڪ لک، جڏهن ته مجموعي طور تي 80 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو.
لکت فيصلي موجب متاثر سميرا نويد چوڌري ۽ ٻن ٻين کي 143.189 ملين جو ڏنڊ ادا ڪيو وڃي، متاثر راشد ذوالفقار ۽ 4 ٻين کي 630.94 ملين رقم فراهم ڪئي وڃي، متاثرن ۾ شامل محمد الياس کي 1101.868 ملين ڏنڊ ادا ڪيو وڃي.
گوهر رحمان کي 507.348 ملين، جنيد الزمان حامد کي 996.048 ملين، محمد جاويد خان کي 857.025 ملين، سليما راجپوت کي 572.666 ملين ۽ ڪرنل (ر) شميم اختر کي 606 ملين ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
متاثر سول جج جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، سول جج پنهنجي فيصلي ۾ جزوي طور تي هر هڪ کي هڪ ڪروڙ رپين جي حد تائين معاوضي جي اجازت ڏني هئي.
عدالت ايئر بليو تي درخواستون داخل ڪرڻ ۽ وقت ضايع ڪرڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو.
متاثرن جو اپيلون هاءِ ڪورٽ ۾ به ٻڌڻي هيٺ رهيون، پوءِ هاءِ ڪورٽ اهي سيشن جج جي اختيار جي دائري ۾ ڏئي ڇڏيون.
You might also like