رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) موٽر وي ايم فائيو تي ظاهر پير انٽر چينج ڀرسان مسافر بس ۽ ايمبولينس ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن موجب حادثو ڪوهيڙي سبب پيش آيو، ڪراچي کان مڙهه کڻي مظرڳڙهه ويندڙ ايمبولينس ظاهر پير انٽر چينج ڀرسان مسافر بس کي پويان ٽڪر هنيو، جنهن سبب ايمبولينس ۾ سوار 7 ڄڻن مان 4 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا.
اطلاع تي ريسڪيو پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو.
You might also like