سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي آئيني بينچ هڪ پينشن ڪيس ۾ غلط بياني تي ڪارروائي ڪندي اسمال انڊسٽريز جي ڊائريڪٽر ايڊمن احسان خان کي هٿڪڙي لڳرائي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ رٽائرڊ ملازم عبدالغفار شيخ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي.
عدالت جي روبرو اسمال انڊسٽريز جو ڊائريڪٽر ايڊمن احسان خان ۽ درخواستگذار جو وڪيل پيش ٿيا.
درخواستگذار چيو ته رٽائرمينٽ کي 15 مهينا گذرڻ باوجود پينشن ادا نه پئي ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت سرڪاري آفيسر طرفان غلط بياني ۽ عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي کي سنجيده ڏوهه قرار ڏيندي فوري طور ڪارروائي جو حڪم ڏنو.
عدالت واضح ڪيو ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ بنا جواز دير برداشت جوڳي ناهي ۽ سرڪاري آفيسر پنهنجون ذميواريون نه نڀائيندا ته سخت نتيجا ڀوڳيندا.
رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ملڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري آفيسر کي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو
You might also like