ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان راشد خان ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا.
راشد خان اڳوڻي انگلش ڪپتان ڪيون پيٽرسن سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته هو ڪابل جي رستن تي آزاديءَ سان گهمي ڦري نٿو سگهي ۽ پنهنجي حفاظت لاءِ بلٽ پروف ڪار تي ڀاڙي ٿو.
پيٽرسن راشد کان پڇيو ته ڇا هو ڪابل جي رستن تي ڪنهن تحفظ کان سواءِ هلي سگهي ٿو؟
جنهن تي اسپنر جواب ڏنو ته ” مان افغانستان ۾ روڊ گهمي ڦري نٿو سگهان، مون وٽ بلٽ پروف ڪار آهي.“
پيٽرسن حيران ٿيندي کائنس پڇيو ته ڪابل ۾ توهان وٽ بلٽ پروف ڪار آهي؟ ڇو؟
راشد خان وضاحت ڪندي چيو ته اِها حفاظت لاءِ آهي. توهان نٿا چاهيو ته غلط وقت تي غلط جاءِ تي هجو، افغانستان ۾ اِها معمول جي ڳالهه آهي، هڙني وٽ بلٽ پروف ڪار آهي.
You might also like