سائبيرين هوائن جي انٽري، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿڌ وڌڻ جو امڪان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اتر، اوڀر ۽ وچولن علائقن ۾ سائبيرين هوائون جو نئون سسٽم داخل ٿي ويو، جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي.
بلوچستان جي مٿانهن علائقن ۾ برفباري ٿي آهي، جنهن معمول جي زندگي متاثر ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب قلات ۾ گهٽ کان گهٽ پارو ڪاٽو هڪ، ڪوئيٽا ۾ ٻه ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.