لاسٿ ملنگا جو رڪارڊ ٽُٽي ويو، انڊونيشين بالر نئين تاريخ لکي ڇڏي

بالي (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي 28 ورهين جي فاسٽ بالر گيدي پريانڊانا انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ انوکو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
گيدي پريانڊانا بالي ۾ ڪيمبوڊيا خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران هڪ ئي اوور ۾ 5 وڪيٽون وٺي اِهو ڪارنامو انجام ڏنو.
اِهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن ڪنهن به مرد يا عورت ڪرڪيٽر طرفان انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ هڪ ئي اوور ۾ 5 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.
واضح رهي ته انڊونيشيا جي 168 رنس جي هدف جي جواب ۾ ڪيمبوڊيا جي ٽيم 15 اوور جي پڄاڻي تي 106 رنس تي 5 وڪيٽون وڃائي چڪي هئي،
ان موقعي تي پنهنجو پهريون اوور ڪندي پريانڊانا شروعاتي ٽن بالن تي لڳاتار وڪيٽون وٺي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي.
ان کان پوءِ هڪ بال ڊاٽ ٿيو ۽ پوءِ هن وڌيڪ ٻن بيٽرن کي پويلين ڀيڙو ڪري پنهنجي ٽيم کي فاتح بڻايو.
ڪيمبوڊيا جي ٽيم سندس اوور ۾ صرف هڪ رنس اسڪور ڪري سگهي ۽ 60 رنسن تان ميچ هارائي وئي
واضح رهي ته علائقائي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ان کان اڳ ٻه ڀيرا هڪ اوور ۾ پنج وڪيٽن جو ڪارنامو انجام ڏنو ويو آهي.
ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ هڪ اوور ۾ چار وڪيٽون وٺڻ جا 14 واقعا ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ لاسٿ ملنگا جو 2019ع ۾ نيوزيلينڊ خلاف چئن بالن تي مسلسل چار وڪيٽون وٺڻ سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.