لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا صبا قمر پنهنجي جاندار اداڪاري سبب ڃاتي وڃي ٿي، پر پنهنجي بيباڪ انداز سبب اڪثر کيس تنقيد جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
پاني جيسا پيار، باغي، بيشرم، چيخ، ڊائجسٽ رائيٽر ۽ فراڊ جهڙن ڪيترن ئي مقبول ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ صبا قمر تازو برائيڊل ڪورچر ويڪ دوران رئمپ تي واڪ ڪندي نظر آئي.
صبا قمر جي انداز کي مداحن تمام گهڻو ساراهيو ۽ هو سندس واکاڻ ڪندي نظر آيا.
ان باوجود ساڳئي برائيڊل ڪوچر ويڪ دوران صبا قمر جي بئڪ اسٽيچ ريهرسل جي هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ هوءَ تمام چست لباس ۽ بولڊ انداز ۾ واڪ ڪندي نظر اچي ٿي.
وڊيو وائرل ٿيندي ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن صبا قمر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
You might also like