ميلبورن(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن طرفان حد کان وڌيڪ شراب وپرائڻ واري معاملي جي جاچ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر راب ڪي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
ايڊيليڊ ٽيسٽ کان اڳ انگلينڊ جي رانديگرن ڪوئنزلينڊ ۾ موڪلون ملهايون ۽ رانديگر تفريحي سامونڊي هنڌ نوسا ۾ رهيا، نوسا ۾ انگلش رانديگرن جي حد کان وڌيڪ شراب پيئڻ جون خبرون سامهون آيون.
ان حوالي سان ڳالهائيندي انگلش ٽيم جي ڊائريڪٽر راب ڪي چيو ته معاملي جو جائزو وٺنداسين ته اصل صورتحال ڇا آهي، جيڪڏهن ماڻهو چئي رهيا آهن ته رانديگرن حد کان وڌيڪ شراب پيتو ته ان ضرور ڏسنداسين.
راب ڪي جو چوڻ هو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيم مان وڌيڪ شراب پيئڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اميد نٿي رکي سگهجي، انگلينڊ جا رانديگر تمام سٺو رويو رکندڙ آهن ۽ مون موڪلن دوران به اهڙي ئي رويي بابت ٻڌو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مون رانديگرن جي رويي ۽ شراب پيئڻ بابت پڙهيو آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته اهو قبول نه ڪرڻ جوڳو عمل آهي، نوسا ٽرپ جي خلاف ناهيان، جيڪڏهن اهو سفر فون هڪ پاسي رکي سمنڊ ڪناري وڃڻ تائين محدود هجي.
ايشز سيريز جي لڳاتار ٽن ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست کانپوءِ هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم تي ٿيندڙ تنقيد بابت سوال تي انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر راب ڪي هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم جي حمايت ڪندي چيو ته ميڪلم سٺو ڪوچ آهي ۽ سندس ٽيسٽ رڪارڊ به سٺو آهي.
آسٽريليا هٿان ايشز ۾ شڪست، انگلش رانديگرن تي حد کان وڌيڪ شراب واپرائڻ جو الزام، بورڊ وڏو قدم کڻي ورتو
Next Post
You might also like