برطانوي حڪومت چيو آهي ته اسان کي پاڪستان ۾ ” تحفظ نه ملندو“: عمران خان جي پٽن جو بيان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽن قاسم ۽ سليمان خان چيو آهي ته برطانوي حڪومت طرفان آگاهه ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن هو پاڪستان ويندا ته کين ”ڪنهن به قسم جو تحفظ نه ڏنو ويندو.“
هڪ انٽرويو دوران سليمان خان چيو ته برطانوي حڪومت ان صورتحال تي نه ڪا مزاحمت ڪئي ۽ نه ئي ڪو سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي.
قاسم خان جو چوڻ هو ته ”منهنجو خيال آهي ته هو پنهنجا هٿ گندا نٿا ڪرڻ چاهين.“
سندس چوڻ هو ته اسان کي چيو ويو پاڪستان نه وڃو، جيڪڏهن پاڪستان وياسين ۽ اسان کي گرفتار ڪيو ويو ته برطانوي حڪومت طرفان ڪو به تحفظ نه ملندو.
سندن چوڻ هو ته اميد هئي پيءُ سان ملاقات لاءِ پاڪستان ويندڙ ٻن برطانوي شهرين جي سار سنڀال ڪئي ويندي.
ڇا عمران خان جلاوطني قبول ڪندو؟ واري سوال تي سندس پٽن چيو ته سندن پيءُ سياسي سرگرمين تي پابندي قبول نه ڪندو.
ٻئي پاسي هن وقت تائين برطانوي حڪومت ان بيان تي ڪو به تبصرو ناهي ڪيو.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت ۾ پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته عمران خان سان جيل ۾ ملاقاتون 8 فيبروري تائين معطل رهنديون.
هن چيو ته جيل کي سياسي جماعت جو هيڊڪوارٽر بڻجڻ نه ڏينداسين.
هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر ان فيصلي کي انساني حقن ۽ ملڪي توڙي بين الاقوامي قانونن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته اڪيلائي واري قيد ۾ رکڻ آئين موجب تشدد جي برابر آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته حڪومت پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف واٽر ڪينن ۽ تشدد جو استعمال ڪري رهي آهي.
ياد رهي ته گذريل هفتي عمران خان جي ڀينرن ۽ پارٽي ڪارڪنن کي اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج دوران ڇر وڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن استعمال ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.