برطانوي رسالي چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير کي گهڻ رخي پرڏيهي پاليسي جو ماهر قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)ب رطانوي رسالي فنانشل ٽائمز به چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جي متاثر ڪندڙ شخصيت جو اعتراف ڪندي کيس بدلجندڙ عالمي نظام ۾ اثرائتو اسٽرٽيجڪ اڳواڻ قرار ڏئي ڇڏيو.
برطانوي رسالي فنانشل ٽائمز فيلڊ مارشل عاصم منير کي گهڻ رخي پرڏيهي پاليسي جو ماهر قرار ڏنو آهي.
فنانشل ٽائمز موجب، بدلجندڙ عالمي سياست وچولي طاقتن لاءِ نئون پر ڏکيو دور کولي ڇڏيو آهي، وچولي طاقتن لاءِ هي اڳڀرائي ڪافي پيچيده ثابت ٿي رهي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير وچولي طاقتن جي سڀ کان ڪامياب ملٽي الائنرز (multi-aligners) ۾ شامل آهن، ٽرمپ سان سڀ کان بهتر هم آهنگ ٿيڻ جو اعزاز پاڪستان جي عسڪري سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير ڏانهن وڃي ٿو.
برطانوي رسالي فيلڊ مارشل عاصم منير کي مڊل پاورز سفارتڪاري جي ڪامياب مثال قرار ڏيندي لکيو آهي ته پاڪستان جي قيادت واشنگٽن، بيجنگ، رياض ۽ تهران جي وچ ۾ هڪ ئي وقت رابطن ۾ سرگرم رهي، فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان جي سفارتڪاري کي بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ اثرائتي نموني اڳتي وڌايو.
رساکي جو چوڻ آهي ته ٽرمپ سان وقت سر خوش گفتاري ۽ نرم سفارتي رويو اثرائتو ثابت ٿيو، پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي ڀارت کي مايوس ڪيو، ڀارت لاءِ وچولي طاقت جي راند اميد کان وڌيڪ ڏکي ثابت ٿي، ڀارت بدلجندڙ عالمي حالتن ۽ ٽرمپ جي انداز سان هم آهنگ ٿي نه سگهيو، هن سفارتي ناڪامي سبب ڀارت کي مڊل پاور حڪمت عملي ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.