ڏاج تي پابندي وارو بل، قومي اسيمبليءَ مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏاج تي پابندي وارو بل رد ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبليءَ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس خرم نواز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڏاج تي پابندي وارو بل تي غور ويچار ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڏاج تي پابندي وارو بل قومي اسيمبليءَ ۾ شرميلا فاروقيءَ پيش ڪيو، جنهن ۾ ڏاج کي غيرقانوني قرار ڏيڻ ۽ سزائن جي تجويز شامل هئي.
ان کانسواءِ والدين کي رضاڪاراڻي طور تي تحفا ڏيڻ جي اجازت جي شق به ان بل ۾ شامل هئي.
پر بحث کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي اتفاق راءِ سان ڏاج تي پابندي وارو بل ناقابلِ عمل قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.