ڪميونسٽ پارٽي پاران پٽ فيڊر جي شهيدن کي ڀيٽا،جاگيرداري نظام رد

اوستا محمد(عوامي آواز رپورٽ)ڪميونسٽ پارٽي بلوچستان ڪميٽي ۽ بلوچستان بزگر ڪميٽي جي زيرِ اهتمام اوستا محمد ۾  پٽ فيڊر جي  شھيدن جي ياد ۾ شاندار ريلي ۽ ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو۔ ريلي ۾ سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا، پنجاب مان ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت وڏي انگ ۾ هارين، مزدورن ۽ محنت ڪشن شرڪت ڪئي۔ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي جي قيادت ۾ مظاهرين ريلوي ڦاٽڪ کان حسنين ميرج هال تائين لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلوميٽر ڊگهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ نعرا ھنيا ويا ۽ بينرن تي لکيل ھيو ته بلوچستان ۾ ٽيننسي ايڪٽ آندو وڃي، بلوچستان جي وسيلن تي بلوچستان جي عوام جو حق تسليم ڪيو وڃي، جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ نه کپي. زمينونبي زمين مقامي ھارين کي ڏنيون وڃن. بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار ڏيو يا بي روزگاري الائونس ڏيو. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ امداد قاضي مطالبو ڪيو ته جبري لاپته ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، سياسي قيدين کي جلد آزاد ڪيو وڃي. ريلي کانپوء ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ۔ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ جاگيردارانه، سرمائيدارانه نظام ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ سبب هاري، مزدور ۽ محنت ڪش طبقو سخت استحصال، غربت ۽ محرومين جو شڪار آهي،ڪانفرنس ۾ زور ڏنو ويو ته تعليم، صحت، روزگار ۽ رهائش هر شهري جا بنيادي حق آهن۔ پارٽي نجڪاري جي پاليسين کي رد ڪندي چيو ته قومي اثاثن جي وڪري جا قدم عوام دشمن آهن، جن سان بيروزگاري ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي۔ مقررن شاگرد يونينن جي بحالي، مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافي, ٺيڪيداري نظام جي خاتمي ۽ سڀني مذدورن کي سوشل سيڪيورٽي ۽ پينشن جي فراهمي جا مطالبا پڻ ڪيا۔ڪانفرنس کي پروفيسر نيڪ محمد ڪاڪڙ، ڪامريڊ فرحاد رند، پروفيسر مير منور ٽالپر، ڪامريڊ احسان الحق، ڪامريڊ راڻا شوڪت،ڪامريڊ اقبال، غلام محمد جمالی، ڪامريڊ ثاقب خورشيد، ڪامريڊ حضور بخش رخشاني، محمد حفيظ جمالی، نثار احمد رند ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.