”ملڪ اندروني طور ڦاٽڻ جي ويجهو آهي“

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قومي ڪانفرنس ۾ 97 ورهين جي رٽائر برگيڊيئر محمود عباس به خطاب ڪيو.  هن چيو ته اسان جا پهريان ٻه پيٽرن ان چيف هئا، اهي ايئر مارشل اصغر خان ۽ ايئر مارشل نور خان هئا، جيڪي اسان سڀني لاءِ رول ماڊل سمجها ويندا آهن. مان سرعام اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ملڪ هن وقت پنهنجي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. اسان سڀني کي ان صورتحال کي سنجيدگي سان سمجهڻ گهرجي. هي مسئلو رڳو پي ٽي آءِ يا ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جو ناهي، پر هي پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جو سوال بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ورهاڱي کان اڳ 11 سالن جو هيس ته 23 مارچ 1940 تي ان پنڊال ۾ موجود هئس، جتي پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. قائداعظم جي تقرير جو هڪ هڪ لفظ اڄ تائين منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي. ان تقرير ۾ جيڪو جذبو ۽ جوش هو، اهو ئي اسان سڀني ۾ پاڪستان جي قيام لاءِ جدوجهد جو سبب بڻيو، ان کانپوءِ پاڪستان جي فوج ۾ شامل هيس ۽ 1965 ۽ 1971 جي جنگين ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1965 واري جنگ ۾ جيڪڏهن ايوب خان فوج کي صحيح قيادت مهيا ڪري ها ته ڪو سبب نه هو جو ڀارت کي مڪمل شڪست نه ڏئي سگهون ٿا. ان وقت ملڪ ۾ هڪ جذبو ۽ جوش هو، جنهن سان اسان شروعات ڪئي. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته اسان جو سفر ڪهڙي ريت اڳتي وڌيو. سندس چوڻ هو ته هن وقت اسان ڀارت سان اڃا تائين جنگي صورتحال ۾ آهيون. اسان اها غلطي ڪئي آهي جو اسان پاڻ کي اولهه محاذ تي افغانستان سان هڪ عملي جنگ ۾ الجهايو  آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي اندروني حالتن بابت جيڪڏهن انگريزي اصطلاح استعمال ڪجي ته اسان “We are nearing a state of implosion” يعني اندروني ٽٽڻ جي بلڪل ويجهو پهچي چڪا آهيون. ملڪ ۾ وڌندڙ بغاوت به توهان سڀني جي سامهون آهي،   بغاوت روز بروز وڌي رهي آهي، ۽ ان کي قابو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته فوج ۽ سول قيادت گڏجي ويهي سنجيدگي سان سوچ ويچار ڪن. هي رڳو فوج جو مسئلو ناهي، پر هي فوج کان به وڏو قومي مسئلو بڻجي چڪو آهي، جنهن تي گڏيل غور ضروري آهي. جڏهن سردار دائود افغانستان جو صدر هو، اهو پاڪستان ۾ سرگرميون ڪرائي رهيو هو، ان جو جواب برگيڊيئر بابر اهڙو ڏنو جو هو واپس ڊوڙيندو پاڪستان آيو ۽ چيائين ته ڀٽو کي چيائين ته پختونستان نه گهرجي، ڊيورنٽ لائن کي قبول ڪريان ٿو ۽ معاهدي تي صحيح ڪريان ٿو. ضيا ڄاڻي واڻي ان  معاهدي تي صحيح نه ڪئي،اهو هن آمريڪا جي چرچ تي ڪيو، آمريڪا چاهي پيو ته پاڪستان ۽ ان علائقي ۾ استحڪام نه هجي. يحيٰ خان جو مارشل لا، ضيا جو مارشل لا ۽ مشرف جو مارشل لا آيو. سڀني مان ڪنهن هڪ مارشل لا ملڪ جو هڪ به مسئلو حل نه ڪيو پر ابتو مسئلا وڌيا. ان مان اسان کي سبق سکڻ گهرجي. هن وقت جيڪي پاڪستان جا حڪمران آهن انهن کي رڳو ٺڳ ئي چئي سگهجي ٿو. ڀارت سان جنگ سٺي رهي. افسوس اهو آهي ته سموري ڪارروائي ايئر فورس ڪئي، آرمي جو رول جو رڳو ميزائل فائر ڪرڻو هو، سمورو ڪريڊٽ عاصم منير کي ڏنو ويو ۽ فيلڊ مارشل بڻايو ويو. آمريڪا جي تابع هجڻ واري روايت کي ختم ڪرڻو پوندو، پاڪستان جون حالتون پاڻمرادو ٺيڪ ٿي وينديون. هن چيو ته ضيا کانپوءِ 1951ع ۾ ايوب خان فوج جو سربراهه هو ۽ ان کي دفاع وارو وزير لڳايو ويو. خواجا ناظم الدين گورنر جنرل هو ۽ گورنر هائوس ڪراچي ۾ سڀ سياستدان ايوب خان جي چوڌاري ڦرندا رهندا هئا ۽ چوندا هئا ته پاڪستان جي قسمت اوهان جي  هٿن ۾ آهي، پوءِ ايوب خان جو دماغ ڇو نه خراب ٿئي ها؟ يحيٰ خان جو مارشل لا، ضيا جو مارشل لا ۽ مشرف جو مارشل لا آيو. سڀني مان ڪنهن هڪ مارشل لا ملڪ جو هڪ به مسئلو حل نه ڪيو پر ابتو مسئلا وڌيا. ان مان اسان کي سبق سکڻ گهرجي. 2022 کان هائبرڊ حڪومت اچي وئي آهي، آمريڪا به مڃي ٿو ته رجيم چينج آمريڪا جي چرچ تي ئي ٿي هئي. آمريڪا جي ڊپٽي سيڪريٽري لو پاڪستاني سفير کي چيو هو ته اوهان عمران خان خلاف بي اعتمادي پيش نه ڪئي ته پاڪستان کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. جيتوڻيڪ آمريڪا جي چرچ تي اهو سڀ ٿئي ٿو پر ڪارروائي ڪندڙ اسان جا اندريان ماڻهو هوندا آهن، اهڙي ڪارروائي جنرل باجوا ۽ ٻين سياستدانن اهڙي ڪارروائي ڪئي. هن وقت جيڪي پاڪستان جا حڪمران آهن انهن کي رڳو ٺڳ ئي چئي سگهجي ٿو.9 ڀيرا قائد اعظم فوجي ادارن جا دورا ڪيا ۽ خطاب ڪيو. سڀ کان اهم خطاب هن 14 جون 1948 تي ڪوئيٽا ڪاليج ۾ ڪيو. ان خطاب ۾ هن چيو هو ته سول سپريميسي اهم آهي. هن چيو ته آئين کي پڙهو، حلف تي عمل ڪريو ۽ سول حڪمراني کي تسليم ڪريو. هن هدايت ڏني هئي ته اوهان پاڪستاني عوام جا خدمختگار آهيو. سويلين ئي سول پاليسيون ٺاهيندا ۽ اوهان جو ڪم ان تي عمل ڪرڻ آهي. اسان قائد اعظم جي هدايتن جو ڇا هشر ڪيو آهي؟ جڏهن جناح هائوس کي باهه لڳي ته طوفان برپا ٿي ويو، هزارين ماڻهو جيل ۾ وڌا ويا پر جن قائداعظم جي فرمانن هدايتن کي اورانگهيو، انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ ملڪ ۾ نه آئين آهي، نه قانون جي حڪمراني آهي، نه شهرين جا حق آهن، عدليا کي مفلوج ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ ڪنهن کي آزادي ناهي. ملڪ ۾ ڪو به احتجاج ٿيڻ ناهي ڏنو ويو. آزاد ڪشمير ۾ جيڪي حالتون ٿيون اهي والاريل ڪشمير کان به خراب هيون. ملڪ جون حالتون والاريل ڪشمير کان خراب آهن. فيلڊ مارشل عاصم منير جي 3 سالن جي حڪومت رهي آهي. ڀارت سان جنگ سٺي رهي. افسوس اهو آهي ته سموري ڪارروائي ايئر فورس ڪئي، آرمي جو رول جو رڳو ميزائل فائر ڪرڻو هو، سمورو ڪريڊٽ عاصم منير کي ڏنو ويو ۽ فيلڊ مارشل بڻايو ويو. هن وقت حڪومت رڳو عاصم منير جي آهي. ٽرمپ سان جيڪا ساڻس گڏجاڻي ٿي آهي، هن وقت تائين هن اهو ناهي ٻڌايو ته ٽرمپ سان هو ڇا طئي ڪري آيو آهي، پهريون ڪم ابراهم اڪارڊ آهي، ٽرمپ کي خاطري ڪرائي وئي ته پاڪستان ابراهم اڪارڊ تي عمل ڪندو ۽ اسرائيل کي تسليم ڪندو. ٻي ڳالهه اها ٻڌي آهي ته آمريڪا چيو آهي ته اوهان چين کان ڌار ٿي ويندا، پر چين هن وقت پاڪستان جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. هو ڪيئن اهو واعدو ڪري آيو آهي؟ اهو عوام کي قبول ناهي. هنن سڀني شين ملڪي حالتن پٺيان آمريڪا جو هٿ آهي. سموري پاليسي آمريڪي هدايتن تي آندي وئي آهي. ايوب خان آمريڪا مان موٽيو هو ته هن ڍاڪا کان پي آءِ اي جي جهازن ۾ چين جي جاسوسي ڪئي هئي. هن پشاور بيس کان آمريڪين کي اجازت ڏني ته روس وڃي جاسوسي ڪن. آمريڪا پاڪستان لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، سدائين دوکو ڏنو آهي. پاڪستان ڪشمير جو مسئلو حل ڪري پئي سگهيو، 1962 جي جنگ ۾ چيني پرڏيهي وزير ڪراچي ۾ ويٺو هو، ان ڀٽو کي چيو ته اوهان وٽ موقعو آهي، ان وقت آمريڪين سائفر موڪليو جنرل ايوب کي ته اسان ان کي آمريڪا خلاف جنگ سمجهنداسين. 1965 جنگ شروع ٿي ته آمريڪا عملدار پرڏيهي آفيس ۾ ويهي چيو ته ايوب خان کي پيغام ڏيو ته اوهان جهڙي نموني اڳتي وڌي رهيا آهيو اوهان قبضو ڪري وٺندا ۽ اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. ان کانسواءِ ايوب خان ڪمانڊ تبديل ڪئي.آمريڪا جا 44 سينيٽر روبيو کي خط لکن ٿا ته فيلڊ مارشل ۽ عاصم منير خلاف ڪارروائي ڪريو، ان تي ٽرمپ فيلڊ مارشل کي شاباس ڏئي رهيو آهي. آمريڪا جي تابع هجڻ واري روايت کي ختم ڪرڻو پوندو. پاڪستان جون حالتون پاڻمرادو ٺيڪ ٿي وينديون. جهڙو ڊي جي آءِ ايس پي آر لڳايو ويو آهي، اهو شرم جي ڳالهه آهي. سندس خلاف يونيورسٽين ۾ شاگرد احتجاج ڪري رهيا آهن. اسان جي فوجي قيادت کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.