ڪراچي(رپورٽر)ناليواري عالم مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته اسلام ۾ ته استثنيٰ جي تاريخ نه رهي آهي،خلفا راشدين به ڪڏهن ڇوٽ نه ورتي،اسان جي اهل اقتدار کي ان مان سبق سکڻ گهرجي،ڪراچي ۾ مجلس اتحاد امت پاڪستان جي اهتمام هيٺ عالمن جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهڙا فيصلا نه ڪرڻ گهرجن جن سان دنيا ۾ اسان جو تماشو بڻجي،ملڪ ۾ ديني مدرسا هڪ لک 5 هزار ٿي ويا آهن،هن چيو ته 2004ع ۾ جنرل مشرف تنظيمات مدارس سان طئي ڪيو هو ته مدرسي جو اطلاق ان بورڊ تي ٿيندو جتي تعليم،ڪفالت جون سهوليتون ميسر هونديون جيڪي ڳالهيون طئي ٿيل آهن انهن کي نه ڇيڙيو وڃي،هن چيو ته ديني مدرسن ۾ دنياوي تعليم جو مطالبو اها حڪومت پئي ڪري جنهن جي پنهنجي تعليمي ادارن کان اڍائي ڪروڙ ٻار ٻاهر آهن،ديني مدرسن ۽ يونيورسٽين جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي،مدرسن ۾ اسان ٻارن کي محب وطن پاڪستاني بڻايون ٿا،بدگمانين کي ٻيهر ورجائڻ جو ڪو به عقلي قانوني جواز ناهي،مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت وياجي نظام ختم ڪرڻ جو معاهدو ڪري چڪي آهي،ديني مدرسن خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪنداسين،حڪومت ته طاقت ۾ ڪنهن به عالم کي گڏ ويهاري سگهي ٿي پر سڄي ملڪ ۾ سمورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالمن جي نمائنده تنظيم هن تقريب ۾ ويٺل آهي،رڳو خوشامدي عالم ويهاري پنهنجي حق ۾ فتويٰ وٺڻ حڪمرانن لاءِ ڪڏهن به مسئلو نه رهيو آهي، هن چيو ته اقليتن جي حقن تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي پر اقليتن جي حقن جي نالي تي جيڪا قانون سازي ڪئي وئي ان ۾ شق نمبر 35 تي اسان کي اعتراض آهي،ان شق تحت اقليتي ڪميشن جي قانون کي سمورن قانونن تي بالادستي حاصل هوندي، سڀاڻي قادياني به ان قانون مان فائدو وٺي سگهن ٿا، پارليامينٽ ۾ ان قانون سازي تي اسان اعتراض ڪيو، تقريب ۾ مفتي تقي عثماني،مولانا فضل الرحمان،علامه راشد محمود سومرو ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.