ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽريفڪ پوليس طرفان سال 2025 دوران پيش آيل ٽريفڪ حادثن بابت سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي.
رپورٽ موجب پهرين جنوري کان 18 ڊسمبر تائين شهر ۾ 741 حادثا رپورٽ ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ 794 ماڻهو فوت ٿي ويا.
انگن اکرن موجب مختلف قسمن جون گاڏيون انهن حادثن ۾ ملوث رهيون، جن ۾ بسون، ٽرڪون، ٽرالر، ڊمپر، واٽر ٽينڪر، موٽر سائيڪلون، ڪارون ۽ اڻڄاتل گاڏيون شامل آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان موٽر سائيڪل حادثن ۽ اڻڄاتل گاڏين سان پيش آيل واقعن ۾ ٿيو.
Next Post
You might also like