لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته عمران خان اڪيلي کي آزاد ناهي ٿيڻو پر سڄي قوم کي آزاد ٿيڻو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جاويد هاشمي چيو ته عمران خان اسان سڀني جي جنگ وڙهي رهيو آهي، خوف جي بت کي ٽوڙڻو پوندو، حسينيت جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.