پ پ جو سينيئر اڳواڻ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جو سينيئر صوبائي اڳواڻ بسم الله خان ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو، هو ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي سندس لاڏاڻو ٿيو.
بسم الله خان ڪاڪڙ پ پ بلوچستان جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي رهيو، هو قلعي عبدالله مان بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر به رهي چڪو آهي.
سندس شمال بلوچستان ۾ پ پ جي فعال ۽ متحرڪ اڳواڻن ۾ ٿيندو هو، صوبي ۾ پارٽي کي منظم ۽ فعال بڻائڻ ۾ بسم الله خان جو اهم ڪردار رهيو.
بسم الله خان جي لاڏاڻي تي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڏک جو اظهار ڪندي سياسي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.