ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري سان نوازي ڇڏيو.
مولانا فضل الرحمان کي سياسي يڪجهتي، اسلامي ڀائر ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ مثالي ڪردار تي اها ڊگري ڏني وئي.
ڪامران ٽيسوري چيو ته مولانا فضل الرحمان سدائين مسئلي جو حل ڪڍيو ۽ پنهنجو هاڪاري ڪردار پيش ڪيو آهي، سڀئي جماعتون جڏهن ڏکيائين ۾ هونديون آهن ته مولانا جي دَر تي وينديون آهن.
هن چيو ته دنيا جون طاقتون اسان جي ديني طبقي کي خوف جي علامت سمجهن ٿيون، ديني طبقو پنهنجي اصولن تي بيٺو آهي.
You might also like