وزيراعظم جو ڀارت کي شڪست ڏيندڙ ٽيم جي هر رانديگر لاءِ هڪ – هڪ ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڀارت خلاف فائنل ۾ شاندار ڪاميابي تي قومي انڊر 19 ٽيم جي هر رانديگر لاءِ هڪ – هڪ ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم طرفان چيمپئن ٽيم جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن دوران هن پاڻ سڀني رانديگرن جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم سان گڏ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي، وفاقي وزير ۽ ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود هئا.
ذريعن موجب وزيراعظم هڪ هڪ ڪري سڀني رانديگرن سان هٿ ملايو ۽ ڀارت خلاف شاندار ڪارڪردگي تي انهن جي حوصلا افزائي ڪئي.
ذريعن موجب شهباز شريف چيو ته توهان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، ڀارت کي بدترين شڪست ڏيڻ تي توهان سڀني کي واڌايون ڏيان ٿو، ڪالهه پاڻ ڏٺم ته ٽيم جنهن جوش ۽ جذبي سان ميدان ۾ وڙهي، ان جو ڪو مثال نٿو ملي، مون سميت سمورن پاڪستانين کي توهان تي فخر آهي.
هن رانديگرن کي چيو اميد ته توهان پنهنجي ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رکندئو تمام جلد توهان انڊر 19 ورلڊ ڪپ به پاڪستان آڻيندئو.
وزيراعظم پي سي بي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته سڀني رانديگرن جو ڀرپور خيال رکيو وڃي ۽ انهن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
شهباز شريف چيو ته توهان مان ڪيترائي رانديگر سڀاڻي پاڪستان جي قومي ٽيم جو حصو بڻجندا.
ان موقعي تي وزيراعظم سمير منهاس کي بهترين ڪارڪردگي تي شاباس ڏني ۽ کيس هيرو قرار ڏنو، جڏهن ته محسن نقوي کي پي سي بي جا معاملا سٺي نموني هلائڻ تي به واڌايون ڏنيون.
ذريعن موجب رانديگرن جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو ويو، وزيراعظم رانديگرن سان گڏ ماني کاڌي ۽ ڪچهري به ڪئي، رانديگرن ڀرپور عزت افزائي تي وزيراعظم ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.
ذريعن موجب رانديگرن مستقبل ۾ به بهترين ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ان موقعي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پاڪستان انڊر 19 ٽيم جي مينٽور سرفراز احمد چيو ته وزيراعظم رانديگرن لاءِ هڪ- هڪ ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي، اهي نوجوان رانديگر مستقبل ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.